Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 3:3 - Sindhi Bible

3 ۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي؛ يعني آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سموري چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 3:3
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن جي دل چرٻيءَ وانگر سڻڀي ٿي پيئي آهي؛ پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت ۾ خوش ٿو ٿيان.


۽ جيڪا چرٻي آنڊن تي لڳل هجي، ۽ جيري تي جيڪو پردو هجي، ۽ بڪيون ۽ مٿن جيڪا چرٻي هجي؛ اهي سڀ کڻي قربانگاهہ تي ساڙج.


۽ تون گهٽي جي چرٻي، ۽ دنب، ۽ ٻي جيڪا چرٻي آنڊن تي هجي، ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن تي جيڪا چرٻي هجي، ۽ ساڄي ران کڻج؛ (ڇالاءِ جو اهو مخصوصيت جو گهٽو آهي)،


اي منهنجا پٽ، مون کي پنهنجي دل ڏي، ۽ پنهنجين اکين کي منهنجن رستن جي ڪري خوش ٿيڻ ڏي.


هن قوم جي دل ڦوڦي ڪر، ۽ انهي جا ڪن گهٻرا ڪر، ۽ انهي جون اکيون بند ڪر، متان هو پنهنجن اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دل سان سمجهن ۽ باز اچن، ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿين.


آءٌ اوهان کي نئين دل بہ ڏيندس ۽ اوهان ۾ نئون روح وجهندس: ۽ اوهان جي بدن مان اها پٿر جهڙي دل ڪڍي وٺندس ۽ گوشت جي دل ڏيندس.


پر لاوي ڪاهن صدوق جا پٽ، جي منهنجي پاڪ مڪان جي تڏهن بہ سنڀال ڪندا هئا جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، سي منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڀلي منهنجي اڳيان بيهن.


پوءِ هو انهي کي سريءَ ۽ چرٻيءَ سميت وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري، ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ واري باهہ تي جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن، تن جي مٿان ٺاهي رکي:


۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي اهي ٽڪر ۽ سري ۽ چرٻي، قربانگاهہ واريءَ باهہ تي جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان ٺاهي رکن:


۽ گناهہ جي قربانيءَ جي چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.


۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا چڱي خوشبوءِ لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي: سڀ چرٻي خداوند جي آهي.


هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري؛ ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي. ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي.


جهڙي طرح سلامتيءَ جي قربانيءَ واري وهڙي جي ڪڍبي آهي: ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.


هو پاڻ پنهنجن هٿن سان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آڻي؛ يعني چرٻي، سيني سميت کڻي اچي، تہ سينو لوڏيل قربانيءَ جي لاءِ لوڏيو وڃي.


۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ڪيل قربانيءَ طور ساڙي: اها خطا جي قرباني آهي.


۽ انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ مان چرٻي، ۽ بڪيون، ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


پر مبارڪ آهن اوهان جون اکيون، ڇالاءِ جو اُهي ڏسن ٿيون، ۽ مبارڪ آهن اوهان جا ڪَن، ڇالاءِ جو اُهي ٻُڌن ٿا.


”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.


۽ اُميد مان شرمندگي حاصل نٿي ٿئي؛ ڇالاءِ تہ پاڪ روح، جو اسان کي ڏنو ويو آهي، تنهن جي وسيلي سان خدا جو پيار اسانجين دلين ۾ اوتيو ويو آهي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انسانيت هن سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، انهي لاءِ تہ گناهہ جو بدن بيڪار ٿي وڃي، تہ اسين اڳتي گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون؛


۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.


هاڻي چرٻي ساڙڻ کان اڳي ڪاهن جو نوڪر ايندو هو، ۽ قرباني ڪندڙ کي چوندو هو تہ ڪاهن جي لاءِ ڀڃڻ واسطي گوشت ڏي؛ ڇالاءِ جو هو توکان اُٻاريل گوشت نہ وٺندو، پر ڪچو وٺندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ