Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 3:2 - Sindhi Bible

2 هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري؛ ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هو قربانيءَ واري جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. هارون جا پٽ، جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 3:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون اهو وهڙو جماعت واري تنبوءَ جي سامهون آڻج: ۽ هارون ۽ سندس پٽ وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.


پوءِ تون اهو وهڙو خداوند جي حضور ۾ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ذبح ڪج.


پوءِ تون هڪڙي گهٽي کي ويجهو آڻج، ۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.


پوءِ تون اهو گهٽو ذبح ڪري، انهي جو رت کڻي قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽارج.


پوءِ تون ٻيو گهٽو آڻج؛ ۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


۽ انهي کي هو قربانگاهہ جي اُتر واري پاسي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪو بہ ماڻهو ڏاند، يا گهٽو، يا ٻڪر، منزلگاهہ ۾، يا منزلگاهہ کان ٻاهر ذبح ڪندو،


۽ انهي کي خداوند جي خيمي جي اڳيان، خداوند جي واسطي قرباني چاڙهڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ نہ آڻيندو: تنهن تي خون جو الزام ايندو؛ ڄڻ تہ هن رت وهايو آهي؛ ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو:


۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي؛ يعني آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سموري چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.


۽ هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري، ۽ هارون جا پٽ انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


۽ هن ٻيو گهيٽو بہ پيش ڪيو، يعني مخصوصيت جو گهٽو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن، انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.


۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.


پر ڳئون جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا رڍ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا ٻڪريءَ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو عيوضو نہ وٺج؛ اهي پاڪ آهن: انهن جو رت تون قربانگاهہ تي ڇاٽاري ڇڏج؛ ۽ انهن جي چرٻي باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ ساڙي ڇڏج، تہ خداوند جي لاءِ چڱي خوشبوءِ ٿئي.


۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ