Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 3:16 - Sindhi Bible

16 ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا چڱي خوشبوءِ لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي: سڀ چرٻي خداوند جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. هي انهيءَ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ آهي جيڪا وڻندڙ خوشبوءِ لاءِ ڪبي آهي. سموري چرٻي مون خداوند جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 3:16
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هابل بہ پنهنجين رڍن ٻڪرين مان پهريان ڦر ۽ چرٻي آندي. ۽ خداوند هابل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو:


۽ سوختني قربانيون، سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي ۽ هرهڪ سوختني قربانيءَ جي لاءِ پيئڻ وارين قربانين سميت، تمام گهڻيون هيون. انهيءَ طرح خداوند جي گهر جي خدمت چاڪريءَ جو پورو بندوبست ٿي ويو.


تنهن کانسواءِ جيڪو ايوان خداوند جي گهر جي اڳيان هو، تنهن جو وچ سليمان پاڪ ڪيو؛ ڇالاءِ جو اتي هن سوختني قربانيون ادا ڪيون، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي بہ: ڇالاءِ جو جيڪا پتل جي قربانگاهہ سليمان جوڙي هئي، تنهن تي سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني ۽ چرٻي، اهي سڀ ماپي نہ ٿي سگهيون.


۽ جيڪا چرٻي آنڊن تي لڳل هجي، ۽ جيري تي جيڪو پردو هجي، ۽ بڪيون ۽ مٿن جيڪا چرٻي هجي؛ اهي سڀ کڻي قربانگاهہ تي ساڙج.


۽ تون گهٽي جي چرٻي، ۽ دنب، ۽ ٻي جيڪا چرٻي آنڊن تي هجي، ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن تي جيڪا چرٻي هجي، ۽ ساڄي ران کڻج؛ (ڇالاءِ جو اهو مخصوصيت جو گهٽو آهي)،


انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.


پر لاوي ڪاهن صدوق جا پٽ، جي منهنجي پاڪ مڪان جي تڏهن بہ سنڀال ڪندا هئا جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، سي منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڀلي منهنجي اڳيان بيهن.


۽ ڪاهن انهن جو رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي قربانگاهہ تي ڇاٽاري، ۽ انهن جي چرٻي خداوند جي لاءِ، چڱي خوشبوءِ جي واسطي ساڙي.


۽ انهي جي سڀ چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


پوءِ هن چرٻي، ۽ دنب، ۽ ٻي جيڪا چرٻي آنڊن تي هئي، ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن جي چرٻي، ۽ ساڄي ران کنئي:


۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون.


هن چيس، تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ جان سان، ۽ پنهنجي ساري عقل سان پيار ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ