Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 3:12 - Sindhi Bible

12 جيڪڏهن انهي جي قرباني ڪا ٻڪري هجي، تہ اها خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قربانيءَ لاءِ ٻاڪرو ڍور آڻي تہ اهو مون خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 3:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هو انهي جي سامهون نازڪ ٻوٽي وانگي ۽ سڪيءَ زمين مان نڪتل پاڙ وانگي اُڀريو: هن کي نڪا صورت آهي، نڪا سونهن؛ ۽ جڏهن اسين هن کي ڏسون ٿا تڏهن منجهس ڪا خوبصورتي ڪانهي جنهن ڪري اسين هن جا مشتاق ٿيون.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.


بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهي، تڏهن اوهين پنهنجي قرباني، چوپائي مال مان، يعني ڍورن ۽ ڌڻن مان آڻجو.


پوءِ هو انهيءَ سوختني قربانيءَ جي کل لاهي، ۽ انهيءَ کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري.


پوءِ موسيٰ گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر جي گهڻي پڇا ڪئي، ۽ ڏٺائين تہ اُهو اڳيئي سڙي ويو آهي: تنهنڪري هارون جا پٽ اليعزر ۽ اتمر، جي باقي بچيا هئا، تن تي هو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين، تہ


۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي؛ ۽ هو ڪجهہ پنهنجي ڌڻ مان قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، پوءِ اُهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو خداوند جي حضور ۾ بي عيب پيش ڪري.


پوءِ هن اُمت جي قرباني آڻي حاضر ڪئي، ۽ جيڪو ٻڪر اُمت جي لاءِ گناهہ جي قرباني هو، سو آڻي ذبح ڪيائين، ۽ پهرئين وانگر انهي کي گناهہ جي لاءِ پيش ڪيائين.


۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو نر ٻڪر، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ هڪڙو گهٽو، جي ٻئي بي عيب ۽ يڪسالا هجن؛


يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪڙي گهٽي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي ٽئين حصي جيتري تيل ۾ تيار ڪج.


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ