Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 3:1 - Sindhi Bible

1 ۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي؛ ۽ هو ڪجهہ پنهنجي ڌڻ مان قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، پوءِ اُهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو خداوند جي حضور ۾ بي عيب پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو پنهنجي ڍورن ڍڳن مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو ڍور نر هجي توڙي مادي، پر بي‌عيب هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 3:1
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اُتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي خداوند کان دعا گهريائين؛ ۽ هن کيس آسمان مان سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي باهہ موڪلي جواب ڏنو.


تون منهنجي لاءِ هڪڙي مٽيءَ جي قربانگاهہ جوڙج؛ ۽ انهيءَ تي پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، يعني پنهنجون رڍون ۽ ڏاند انهيءَ تي قربان ڪج؛ ۽ جتي جتي آءٌ پنهنجو نالو قائم ڪندس، اتي آءٌ تو وٽ ايندس، ۽ توکي برڪت ڏيندس.


۽ هن بني اسرائيل جي ڪيترن جوانن کي موڪليو، جن سوختنيون قربانيون چاڙهيون؛ ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن جون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون.


اهي هارون ۽ سندس پٽن لاءِ، بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ، سندن حق ٿيندو؛ ڇالاءِ جو اها کڻڻ واري قرباني آهي، ۽ بني اسرائيل جي طرفان سندن سلامتيءَ جي قربانين مان، خداوند جي لاءِ چاڙهيل آهي.


تہ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون مون سان آهن؛ اڄوڪي ڏينهن مون پنهنجون مڃتائون پوريون ڪيون آهن.


۽ جڏهن هو اُهي ڏينهن پورا ڪندا، تڏهن هيئن ٿيندو تہ اٺين ڏينهن، ۽ انهي کانپوءِ، ڪاهن قربانگاهہ تي اوهانجون سوختني قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


۽ اسرائيل جي ساون چراگاهن مان، کاڌي جي ۽ ساڙڻ واري ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ، ٻن سوَن جي ڌڻ مان هڪڙو گهيٽو، تہ انهن جو ڪفارو ٿئي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.


انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جيڪي پنهنجون قربانيون کلي ميدان ۾ ذبح ڪن ٿا، سي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي حضور ۾، ڪاهن وٽ آڻين، ۽ انهن کي خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قربانين طور ذبح ڪن.


۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي، ۽ هو خداوند جي لاءِ ڌڻ مان ڪجهہ پيش ڪري؛ تہ اهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو بي عيب پيش ڪري.


۽ اُمت جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني طور، جيڪو ڏاند ۽ گهٽو هو، تن کي بہ هن ذبح ڪيو: ۽ هارون جي پٽن انهن جو رت آڻي کيس ڏنو ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو،


۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گهٽو، خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهڻ لاءِ آڻي پيش ڪريو؛ ۽ تيل ۾ ڳوهيل کاڌي جي قرباني بہ آڻيو: ڇالاءِ جو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو.


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس.


پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن اوهين انڌن جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ اُها ڪا بڇڙائي ناهي! يا جڏهن منڊي يا بيمار جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ انهي ۾ ڪا برائي ڪانهي! هاڻي اهي قربانيون کڻي پنهنجي حاڪم کي ڏي، تہ هو تو مان راضي ٿيندو ڇا؟ يا توکي قبول ڪندو ڇا؟


۽ جڏهن تون سوختني قربانيءَ لاءِ، يا ڪا مڃت پوري ڪرڻ جي قربانيءَ لاءِ، يا سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ، ڪو وهڙو تيار ڪرين،


۽ هو خداوند جي لاءِ هيءَ قرباني پيش ڪري، يعني سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو بي عيب يڪسالو گهيٽو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ سلامتيءَ جي لاءِ هڪڙو بي عيب گهٽو،


۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا: اهو هو عمينداب جي پٽ نحسون جو نذرانو.


۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو فداهصور جي پٽ جملي ايل جو نذرانو.


اتي تون پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪج، انهن جو گوشت ۽ انهن جو رت، قربانگاهہ تي چاڙهج: ۽ تنهنجين ذبح ڪرڻ وارين قربانين جو رت قربانگاهہ تي اوتبو، ۽ گوشت تون کائج.


۽ سندس رت جو صليب تي وهايو ويو، تنهن جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪري، پوءِ اُهي شيون زمين تي هجن خواهہ آسمان ۾.


تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.


جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.


تڏهن سڀ بني اسرائيل، بلڪ سڀ ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ رنائون، ۽ اُتي خداوند جي اڳيان ويٺا، ۽ اُهو ڏينهن شام تائين روزو رکيائون؛ ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون، خدا جي اڳيان چاڙهيائون.


۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ ماڻهو سوير اُٿيا ۽ اُتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائون، ۽ انهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ