Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:9 - Sindhi Bible

9 جن جانورن کي خداوند جي لاءِ قربان ڪندا آهن، تن مان ڪنهن کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ مڃت طور پيش ڪري، تہ اُهو پاڪ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اهڙي جانور جي باس باسي ٿو، جنهن کي مون خداوند جي حضور ۾ قربان ڪري ٿو سگھجي، تہ اهو مون خداوند جي لاءِ نذر ڪيل جانور مخصوص ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڪڙو ٿي چوڻ تہ اهو پاڪ آهي، سو ماڻهوءَ جي لاءِ هڪ ڦانڌو آهي، ۽ مڃتائن کان پوءِ جاچ ۽ پڇا ڪرڻ بہ.


پنهنجي وات کي نہ ڇڏ تہ تنهنجي جسم کان گناهہ ڪرائي؛ نڪي تون فرشتي جي اڳيان چئُہ تہ اها چڪ هئي: ڇالاءِ خدا تنهنجي ڳالهائڻ تي ڪاوڙجي، ۽ تنهنجي هٿن جو ڪم ناس ڪري ڇڏي؟


۽ انهي مان هو ڪو حصو وڪڻي نہ سگهندا، ۽ نہ مٽاسٽا ڪري سگهندا، نڪي انهي زمين جو پهريون ڦر ڪنهن کي ڏيئي سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.


هو انهي کي بدلائي نہ، نڪي خراب جي بدران چڱو، يا چڱي جي بدران خراب ڏئي: پر جيڪڏهن هو هڪڙي جانور جي بدران ٻيو جانور ڏيڻ ضروري سمجهي، تہ اُهو جانور ۽ ٻيو جيڪو انهي جي بدران ڏيڻ ٿو چاهي، سي ٻئي پاڪ ٿيندا.


پر جيڪڏهن انهي جي وسعت تنهنجي ٺهرايل انداز کان گهٽ هجي تہ انهي کي ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪيو وڃي، ۽ ڪاهن انهي مڃت مڃڻ واري جي وسعت آهر انهي جي قيمت مقرر ڪري.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي پاڪ شين جي بابت ڀل مان ڪو قصور يا گناهہ ڪري؛ تہ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو، خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب، پاڪ مڪان جي مشقالن جهڙو چانديءَ جو مشقال هجي، اها گناهہ جي قرباني آهي:


پر اوهين ٿا چئو، تہ جيڪو پنهنجي پيءُ يا پنهنجي ماءُ کي چوندو، تہ جنهن شيءِ مان توکي منهنجي هٿان فائدو رسي ها سا خدا جي نذر ٿي چڪي؛ سو ڀلي پنهنجي پيءُ کي عزت نہ ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ