Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:8 - Sindhi Bible

8 پر جيڪڏهن انهي جي وسعت تنهنجي ٺهرايل انداز کان گهٽ هجي تہ انهي کي ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪيو وڃي، ۽ ڪاهن انهي مڃت مڃڻ واري جي وسعت آهر انهي جي قيمت مقرر ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پر جيڪڏهن باس باسڻ وارو ماڻهو ايترو غريب هجي جو اها مقرر ڪيل قيمت نہ ڏئي سگھي، تہ پوءِ هو انهيءَ باسيل شخص کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. ڪاهن انهيءَ باس باسيندڙ جي وسعت آهر سندس قيمت مقرر ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو نما شام جي مهل ارامين جي لشڪرگاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اُٿيا: ۽ جڏهن اُهي ارامين جي لشڪرگاهہ جي ٻاهرين پاسي تائين آيا، تڏهن ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اُتي ڪونهي.


ڪيئن آءٌ توکي معاف ڪريان؟ تنهنجي ٻارن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هنن انهن جو قسم کنيو آهي جي خدا نہ آهن: جڏهن مون هنن کي کارائي ڍءُ ڪرايو تڏهن هنن زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گهرن ۾ اچي گڏ ٿيا آهن.


پر جي انهيءَ زال کي گهيٽي جيتري وسعت نہ هجي، تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا آڻي؛ هڪڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.


جيڪڏهن انهي جي عمر سٺ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، تہ پوءِ جي مرد هجي، تہ اُنهي جي لاءِ پندرهن مشقال، ۽ جي زال هجي تہ انهيءَ جي لاءِ ڏهہ مشقال انداز مقرر ڪج.


جن جانورن کي خداوند جي لاءِ قربان ڪندا آهن، تن مان ڪنهن کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ مڃت طور پيش ڪري، تہ اُهو پاڪ ٿيندو.


پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.


۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.


ڇالاءِ جو غريب تہ هميشہ ئي اوهان وٽ هوندا، ۽ جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿيندي، تڏهن هنن سان ڀلائي ڪري سگهندا، پر آئون هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ