Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:34 - Sindhi Bible

34 اهي آهن حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 اِهي ئي آهن اهي حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:34
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي آهن قانون ۽ حڪم ۽ قاعدا، جي خداوند پنهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ سينا جبل تي موسيٰ جي هٿان قائم ڪيا.


جنهن بابت خداوند موسيٰ کي سينا جبل تي انهي ڏينهن فرمايو، ۽ هن بني اسرائيل کي حڪم ڏنو، تہ سينا جي بيابان ۾ خداوند جي لاءِ پنهنجون قربانيون پيش ڪن.


جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


اها هميشہ جي لاءِ سوختني قرباني آهي، جا سينا جبل وٽ مقرر ڪئي ويئي، تہ خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.


هاڻي جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن موسيٰ ۽ هارون جون هي پيڙهيون هيون.


اِهي آهن اُهي حڪم ۽ فيصلا، جي خداوند يردن جي ڪناري تي، موآب جي ميدان ۾ يريحو وٽ موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل جي لاءِ مقرر ڪيا.


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


۽ چاليهين ورهيہ ۾، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو، جو جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي فرمايون هيون، سي هن بني اسرائيل کي چئي ٻڌايون؛


حورب ۾ خداوند جيڪو عهدنامو بني اسرائيل سان ڪيو هو، تنهن کان سواءِ موآب جي ملڪ ۾ انهن سان جيڪو عهد ڪرڻ لاءِ هن موسيٰ کي فرمايو، تنهن جون ڳالهيون هن ريت آهن.


يعني هي اهي شهادتون، اهي قانون، ۽ اهي فيصلا آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ،


ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ