Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:30 - Sindhi Bible

30 ۽ زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جي پيدائش هجي توڙي وڻن جو ميوو هجي، اهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو مون خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جو اناج هجي توڙي وڻن جو ميوو، اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:30
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڳورو آهي خدا تعاليٰ جنهن تنهنجي دشمنن کي تنهنجي قبضي ۾ ڏنو. تڏهن ابرام هن کي سڀ مال مان ڏهون حصو ڏنو.


۽ هي پهڻ، جو مون ٿنڀ وانگي کوڙيو آهي، سو خدا جو گهر ٿيندو: ۽ جيڪي تون مون کي ڏيندين، تنهن جو ڏهون حصو آءٌ ضرور توکي ڏيندس.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين فصل کڻو، تڏهن پنجون حصو فرعون کي ڏجو، ۽ چار حصا ٻنيءَ جي ٻج لاءِ، ۽ اوهان جي کاڌي لاءِ، ۽ اوهان جي خاندان ۽ ٻارن ٻچن جي خوراڪ لاءِ، اوهان جا ٿيندا.


۽ يوسف مصر جي ملڪ لاءِ اهو قانون جاري ڪيو جو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي، تہ فرعون کي پنجون حصو ملي؛ رڳو ڪاهنن جي زمين فرعون جي ڪانہ ٿي.


۽ هنن نذرانا ۽ ڏهان حصا ۽ وقف ڪيل شيون، امانت سلامت آنديون: ۽ انهن جي مٿان ڪنعنياہ لاوي نظر ڪندڙ هو، ۽ ان جو ڀاءُ سمعي انهي کان پوءِ ٻئي درجي جو هو.


انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.


پوءِ سڄي يهوداہ، اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جي ڏهاڪي خزانن ۾ آندي.


سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون.


ماڻهن مان ڪو وقف ڪيل شخص ڇڏايو نہ وڃي؛ پر ضرور ماريو وڃي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڏهين حصي مان ڪجهہ ڇڏائڻ گهري، تہ هو اُنهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.


افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين ڦودني ۽ سونف ۽ جِيري تي تہ ڏهون حصو ٿا ڏيو، پر جيڪي شريعت جون انهي کان ڳريون ڳالهيون آهن، يعني انصاف ۽ رحم ۽ ايمان، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر اِهي تہ اوهان کي ڪرڻ گهربيون هيون، ۽ هو ٻيون بہ ڇڏي ڏيڻ نہ کپنديون هيون.


پر افسوس اوهان تي آهي، فريسيو! ڇاڪاڻ تہ ڦودني ۽ سداب ۽ سڀ ڪنهن ڀاڄيءَ مان ڏهون حصو ڏيو ٿا، پر انصاف ۽ خدا جو پيار ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر واجب هو تہ هي بہ ڪريو ها ۽ اُهو بہ نہ ڇڏي ڏيو ها.


آئون هفتي ۾ ٻہ لڱا روزو ٿو رکان، ۽ ڪمائيءَ جو ڏهون حصو خيرات ٿو ڪريان.


انهن کي کائڻ لاءِ هڪ جيترو حصو ملندو، ۽ جيڪي هن جي اباڻي ملڪيت جي وڪري مان پيدا ٿئي، سو بہ ملندس.


ٽيون سال، جو ڏهين حصي اُڳاڙڻ جو سال آهي، تنهن ۾ جڏهن تون پنهنجي سموريءَ پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي پورو ڪرين، تڏهن تون اهو لاويءَ کي، ۽ پرديسيءَ، ۽ يتيم کي، ۽ بيوہ زال کي ڏج، تہ اهي تنهنجن دروازن جي اندر کائي ڍءُ ڪن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ