29 ماڻهن مان ڪو وقف ڪيل شخص ڇڏايو نہ وڃي؛ پر ضرور ماريو وڃي.
29 ماڻهن مان ڪوبہ اهڙيءَ طرح وقف ڪيل شخص ڇڏايو نہ وڃي، بلڪ انهيءَ کي ضرور ماريو وڃي.
۽ هن چيس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن ماڻهوءَ کي مون مارجڻ لاءِ ٺهرايو هو، تنهن کي تو پنهنجن هٿن مان ڇڏي ڏنو، تنهنڪري تنهنجي حياتي هن جي حياتيءَ جي عيوض ويندي، ۽ تنهنجي قوم هن جي قوم جي عيوض.
انهي هوندي بہ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ، خداوند جي لاءِ وقف ڪري، پوءِ اها وقف ڪيل شيءِ ماڻهو هجي توڙي جانور هجي، يا سندس ملڪيت جي ڪا ٻني هجي، تہ اها وڪامڻ ۾ نہ اچي، ۽ نڪي عيوضو ڏيئي ڇڏائي وڃي: سڀڪا وقف ڪيل شيءِ خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.
۽ زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جي پيدائش هجي توڙي وڻن جو ميوو هجي، اهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.
هاڻي وڃي عماليق کي مار، ۽ جيڪي وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر، ۽ اصل نہ ڇڏين؛ مردن، زالن، ٻارن، ۽ کير پياڪن، ڏاندن ۽ رڍن، اُٺن ۽ گڏهن، سڀني کي قتل ڪر.
۽ هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو جهليو، ۽ باقي سڀني ماڻهن کي ترار جي ڌار سان چٽ ڪري ڇڏيائين.