Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:27 - Sindhi Bible

27 ۽ جيڪڏهن اهو جانور ناپاڪ هجي، تہ هو تنهنجي ٺهرايل انداز موجب پئسا ڏيئي انهي کي ڇڏائي، ۽ انهي جي قيمت جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي، پر جي اهو نہ ڇڏايو وڃي تہ تنهنجي انداز موجب وڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 پر جيڪڏهن اهو پهريتو ڦر حرام جانورن مان هجي تہ اهو ماڻهو ڪاهن جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيتري وڌيڪ رقم ملائي ادا ڪري ۽ جانور موٽائي وٺي. جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجو جانور نہ ڇڏائي تہ پوءِ اهو مقرر ڪيل قيمت ۾ ڪنهن ٻئي کي وڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:27
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن اهو ناپاڪ جانور هجي، جنهن جي خداوند جي لاءِ قرباني نہ چاڙهبي آهي، تہ هو اهو جانور ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪري:


پر جي هو عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.


۽ جنهن ماڻهوءَ اهو گهر پاڪ ٿيڻ لاءِ ڏنو هجي، سو جيڪڏهن عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پيسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اهو گهر سندس ٿيندو.


جانورن مان فقط پهريون ڄاول ٻچو، جو خداوند جي لاءِ پهريون ڦل آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو مخصوص نہ ڪري: پوءِ اهو ڍڳو هجي يا رڍ، اهو خداوند جو آهي.


انهي هوندي بہ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ، خداوند جي لاءِ وقف ڪري، پوءِ اها وقف ڪيل شيءِ ماڻهو هجي توڙي جانور هجي، يا سندس ملڪيت جي ڪا ٻني هجي، تہ اها وڪامڻ ۾ نہ اچي، ۽ نڪي عيوضو ڏيئي ڇڏائي وڃي: سڀڪا وقف ڪيل شيءِ خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڏهين حصي مان ڪجهہ ڇڏائڻ گهري، تہ هو اُنهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.


۽ انهيءَ پاڪ شيءِ بابت هن جيڪا خطا ڪئي هجي، تنهن جو عيوضو ڀري ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڪاهن کي ڏئي: ۽ ڪاهن انهيءَ خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ