Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:17 - Sindhi Bible

17 ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي ٻني جشن جي سال کان وٺي پاڪ ٺهرائي، تہ انهيءَ جي قيمت تنهنجي انداز موجب قائم رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻني بحاليءَ جي سال کان وٺي وقف ڪري تہ جيڪا قيمت انهيءَ جي مقرر ڪئي وڃي، سا ئي رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:17
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.


۽ اهو پنجاهون ورهيہ اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو: انهي ۾ اوهين ڪي بہ نہ پوکجو، نڪي جيڪي پاڻيهي ڄمي سو لڻجو، ۽ نڪي منهہ مان ڊاک جا داڻا گڏ ڪجو.


انهي جشن واري سال ۾ اوهان مان سڀ ڪو پنهنجيءَ ملڪيت جو خود مالڪ ٿئي.


تنهن کان پوءِ ستين مهيني جي ڏهين ڏينهن تون پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائي پڌرائي ڪج؛ يعني ڪفاري جي ڏينهن اوهين پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائجو.


۽ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گهر خداوند جي لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي مخصوص ڪري، تہ ڪاهن انهي جي قيمت مقرر ڪري، پوءِ اهو چڱو هجي توڙي خراب: پر جيتري قيمت ڪاهن مقرر ڪندو، سا قائم رهندي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ جو ڪو ڀاڱو، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي مخصوص ڪري، تہ جيترو ٻج انهي ۾ پوکي سگهجي، تنهن موجب تون انهي جي قيمت مقرر ڪج: جنهن ۾ هڪڙو هومر جوَن جو ٻج پوکي سگهجي، تنهن جي قيمت چانديءَ جا پنجاهہ مشقال ٿيندي.


پر جيڪڏهن هو جشن واري سال کان پوءِ پنهنجي ٻني پاڪ ٺهرائي، تہ پوءِ ڪاهن اوترن ورهين جو حساب ڪري، جيترا جشن جي سال تائين باقي رهندا هجن، ۽ ٺهرايل قيمت گهٽائي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ