Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:14 - Sindhi Bible

14 ۽ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گهر خداوند جي لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي مخصوص ڪري، تہ ڪاهن انهي جي قيمت مقرر ڪري، پوءِ اهو چڱو هجي توڙي خراب: پر جيتري قيمت ڪاهن مقرر ڪندو، سا قائم رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر مون خداوند جي لاءِ وقف ڪري، تہ ڪاهن انهيءَ جي چڱي يا خراب هجڻ موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪري. هو جيڪا بہ قيمت مقرر ڪندو اها ئي آخري قيمت هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جي هو عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.


۽ جنهن ماڻهوءَ اهو گهر پاڪ ٿيڻ لاءِ ڏنو هجي، سو جيڪڏهن عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پيسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اهو گهر سندس ٿيندو.


۽ جيڪڏهن هو پنهنجي ٻني جشن جي سال کان وٺي پاڪ ٺهرائي، تہ انهيءَ جي قيمت تنهنجي انداز موجب قائم رهندي.


پر جيڪڏهن هو جشن واري سال کان پوءِ پنهنجي ٻني پاڪ ٺهرائي، تہ پوءِ ڪاهن اوترن ورهين جو حساب ڪري، جيترا جشن جي سال تائين باقي رهندا هجن، ۽ ٺهرايل قيمت گهٽائي وڃي.


پر اها ٻني جشن واري سال ۾ پاڻيهي ڇٽڻ کان پوءِ، خداوند جي لاءِ وقف ڪيل ٻنيءَ وانگر پاڪ رهندي، ۽ ڪاهن جي قبضي ۾ ٿيندي.


اسرائيلين جي هرڪا شيءِ، جا وقف ڪئي ويندي، سا تنهنجي ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ