Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 27:13 - Sindhi Bible

13 پر جي هو عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪڏهن اهو ماڻهو عيوضو ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 27:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان انهيءَ پاڪ شيءِ مان ڪي کائي، تہ پوءِ هو اُنهي جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ انهيءَ ۾ گڏ ڪري، ۽ پوءِ اها پاڪ شيءِ ڪاهن کي ڏئي.


هو انهي کي بدلائي نہ، نڪي خراب جي بدران چڱو، يا چڱي جي بدران خراب ڏئي: پر جيڪڏهن هو هڪڙي جانور جي بدران ٻيو جانور ڏيڻ ضروري سمجهي، تہ اُهو جانور ۽ ٻيو جيڪو انهي جي بدران ڏيڻ ٿو چاهي، سي ٻئي پاڪ ٿيندا.


۽ ڪاهن انهي جي قيمت ٺهرائي، پوءِ هو چڱو هجي، توڙي خراب: پر اي ڪاهن جيتري قيمت تون مقرر ڪندين، اوتري ٿيندي.


۽ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گهر خداوند جي لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي مخصوص ڪري، تہ ڪاهن انهي جي قيمت مقرر ڪري، پوءِ اهو چڱو هجي توڙي خراب: پر جيتري قيمت ڪاهن مقرر ڪندو، سا قائم رهندي.


۽ جنهن ماڻهوءَ اهو گهر پاڪ ٿيڻ لاءِ ڏنو هجي، سو جيڪڏهن عيوضو ڏيئي انهي کي ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پيسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اهو گهر سندس ٿيندو.


پر جيڪڏهن ٻني پاڪ ٺهرائڻ وارو ماڻهو عيوضو ڏيئي اها ڇڏائڻ گهري، تہ جيڪا قيمت تو ٺهرائي هجي تنهن جي پنجين حصي جيترا پئسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اها سندس ملڪيت ٿيندي.


۽ جيڪڏهن اهو جانور ناپاڪ هجي، تہ هو تنهنجي ٺهرايل انداز موجب پئسا ڏيئي انهي کي ڇڏائي، ۽ انهي جي قيمت جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي، پر جي اهو نہ ڇڏايو وڃي تہ تنهنجي انداز موجب وڪيو وڃي.


۽ انهيءَ پاڪ شيءِ بابت هن جيڪا خطا ڪئي هجي، تنهن جو عيوضو ڀري ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڪاهن کي ڏئي: ۽ ڪاهن انهيءَ خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ