Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:8 - Sindhi Bible

8 ۽ اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڇڏيندا: ۽ اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن جو پيڇو ڪندا ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن جو پيڇو ڪندا. اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي اهي بهادر مرد دائود وٽ هئا، تن جو شمار هي آهي: يسوبعام، جو هڪڙي حڪمونيءَ جو پٽ هو ۽ ٽيهن جو سردار هو: انهيءَ پنهنجو نيزو ٽن سوَن ماڻهن تي کنيو، ۽ هڪڙي ئي وقت انهن کي ڪُٺائين.


۽ انهن ٽنهي مان ابيشيءَ، يوآب جو ڀاءُ، مکيہ هو: ڇالاءِ جو هو پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهي ويو، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ ”ٽيهن جو نالو“ جهڙو نالو ڪڍيائين.


۽ بادشاهہ جي پرڳڻن ۾ ٻيا جيڪي يهودي هئا سي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي ساهہ بچائڻ لاءِ کڙا ٿيا، ۽ پنهنجن دشمنن کان آزاد ٿي آرام ورتائون، ۽ پنجهتر هزار دشمن ماريائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.


۽ اوهين پنهنجن دشمنن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اهي اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا.


انهيءَ ڏينهن خداوند يروشلم جي رهاڪن جو بچاءُ ٿيندو؛ ۽ انهن مان سڀ ڪنهن کان ضعيف دائود وانگر ٿيندو، ۽ دائود جو گهراڻو خدا وانگر يعني خدا جي فرشتي وانگر ٿيندو، جو سندن اڳيان اڳيان هلي ٿو.


رڳو اوهين خداوند جي برخلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهي ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو؛ انهن جو بچاءُ وٽانئن نڪري ويو آهي، ۽ اسان سان خداوند آهي: اوهين انهن کان نہ ڊڄو.


يعني اسرائيلين جي سڀني قبيلن مان هرهڪ قبيلي منجهان، هڪ هزار ماڻهو اوهين جنگ جي لاءِ موڪليو.


جيڪي تنهنجا دشمن تو تي ڪاهي ايندا، تن کي خداوند تنهنجي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: اهي هڪڙي رستي کان توتي ڪاهي ايندا، ۽ ستن رستن کان تنهنجي اڳيان ڀڄي ويندا.


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.


۽ هن هڪڙي گڏهہ جي نئين ڄاڙهہ پيل ڏٺي، جا هٿ ڊگهيري کنيائين، ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ