7 ۽ اوهين پنهنجن دشمنن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اهي اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا.
7 اوهين پنهنجن دشمنن جو پيڇو ڪندا ۽ اهي اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.
۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا آهن، تڏهن هو بہ سندس ڀاءُ ابيشي جي اڳيان اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ گهڙي ويا. تڏهن يوآب يروشلم ۾ آيو.
۽ بادشاهہ جي پرڳڻن ۾ ٻيا جيڪي يهودي هئا سي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي ساهہ بچائڻ لاءِ کڙا ٿيا، ۽ پنهنجن دشمنن کان آزاد ٿي آرام ورتائون، ۽ پنجهتر هزار دشمن ماريائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.
تہ جيڪي خداوند سان دشمني ٿا رکن، سي اچي سندس پيش پون: ۽ انهن جو زمانو هميشہ تائين هلي.
۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دشمن جي ملڪ ۾ باقي رهندا، تن جي دلين ۾ آءٌ خوف پيدا ڪندس: ۽ اهي پن اُڏامڻ جي کڙڪي تي بہ ڀڄي ويندا؛ ۽ هو ائين ڀڄندا، جيئن ڪو ترار کان ڀڄي؛ ۽ ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو تہ بہ هو ڪري پوندا.
۽ آءٌ ملڪ ۾ صلح ۽ آرام قائم ڪندس، ۽ اوهين سمهي ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڪونہ ڊيڄاريندو: ۽ آءٌ جهنگلي جانورن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ترار ڪانہ هلندي.
۽ اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڇڏيندا: ۽ اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا.
جيڪي تنهنجا دشمن تو تي ڪاهي ايندا، تن کي خداوند تنهنجي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: اهي هڪڙي رستي کان توتي ڪاهي ايندا، ۽ ستن رستن کان تنهنجي اڳيان ڀڄي ويندا.
جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟
اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.
۽ هن هڪڙي گڏهہ جي نئين ڄاڙهہ پيل ڏٺي، جا هٿ ڊگهيري کنيائين، ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.
پر برق انهن گاڏين ۽ انهيءَ لشڪر جي پٺيان پئي حروست هگوئيم تائين آيو: ۽ سيسرا جو سڄو لشڪر ترار جي ڌار سان مارجي ويو؛ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.
تڏهن اسرائيلي نفتاليءَ مان، ۽ آشر مان، ۽ منسيءَ مان گڏ ٿي مديانين جي پٺيان پيا.
۽ يونتن پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان مٿي چڙهيو، ۽ سندس زرهہ بردار پٺيانس لڳو: ۽ هو يونتن جي اڳيان شڪست کائي ڪِريا؛ ۽ سندس زرهہ بردار بہ سندس پٺيان هنن کي قتل ڪيو.