Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:45 - Sindhi Bible

45 پر آءٌ هنن جي خاطر سندن ابن ڏاڏن سان ڪيل عهد ياد ڪندس، جن کي مون قومن جي ڏسندي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ آءٌ سندن خدا ٿيان: آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

45 بلڪ آءٌ هنن جي خاطر سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌل عهد کي ياد ڪندس، جن کي آءٌ غير قومن جي اکين اڳيان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ئي سندن خدا هجان. آءٌ خداوند آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:45
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


۽ انهيءَ ساڳيءَ رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا آهيان: تون ڊپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان. آءٌ توکي برڪت ڏيندس ۽ پنهنجي ٻانهي ابرهام جي ڪري، تنهنجو اولاد وڌائيندس.


ڏس، آءٌ تو ساڻ آهيان، ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جيڪي توکي چيو اٿم، سو جيسين پورو نہ ڪريان، تيسين توکي ڇڏي ڪين ڏيندس.


۽ آءٌ پنهنجو عهد، جو منهنجي ۽ اوهان جي، ۽ سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي، سو ياد ڪندس، ۽ سڀني ساهوارن کي برباد ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو طوفان وري نہ ايندو.


۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.


۽ خدا هنن جون دانهون ٻڌيون، ۽ خدا جيڪو عهد، ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان ڪيو هو، سو ياد ڪيائين.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون قسم کنيو آهي تہ اُهو ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيندس؛ ۽ اُهو اوهان کي ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي مون هنن کي ٻاهر آندو، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


انهي هوندي بہ مون پنهنجو هٿ جهليو، ۽ پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي هنن کي ڪڍي آندو هوم، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


پر مون پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو تہ جن قومن منجهہ هو هئا، ۽ جن جي ڏسندي مون هنن کي پاڻ ڄاڻايو، جو مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندومان، تن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ٿئي.


ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان جو خدا ٿيان: تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان.


۽ جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ اوهان جو خدا ٿيان: آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ ڪنعان جو ملڪ اوهان کي ڏيان ۽ اوهان جو خدا ٿيان.


هاڻي جي هنن جو ٿاٻڙجڻ جهان جي لاءِ دولت جو سبب ٿيو، ۽ هنن جي گهٽتائي غير قومن جي لاءِ دولت ٿي، تہ سندن ڀرپورائي ڪيڏي نہ وڏي دولت جو سبب ٿيندي؟


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا رحيم خدا آهي؛ هو توکي ڇڏي نہ ڏيندو، نڪي برباد ڪندو، ۽ جيڪو عهد هن قسم کڻي تنهنجي ابن ڏاڏن سان ڪيو آهي، سو ڪين وساريندو.


پنهنجن ٻانهن ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي ياد ڪر؛ ۽ هن اُمت جي هوڏ، ۽ شرارت، ۽ گناهہ کي نہ ڏس:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ