Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:41 - Sindhi Bible

41 تنهن جي ئي ڪري آءٌ سندن برخلاف هليس، ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم: تنهن لاءِ جڏهن انهن جي اڻ طهريل دل پشيمان ٿيندي، ۽ پنهنجي گناهہ جي سزا قبول ڪندا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 تنهن جي ئي ڪري آءٌ بہ سندن خلاف هليس ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم، تنهن لاءِ جڏهن هنن جون نافرمان دليون پشيمان ٿينديون ۽ هو پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا قبول ڪندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:41
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسين ٿو تہ ڪيئن اخي آب منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري؟ ۽ ڇالاءِ تہ هو منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري تنهنڪري آءٌ هن جي ڏينهن ۾ خرابي نہ آڻيندس: پر سندس پٽ جي ڏينهن ۾ سندس گهراڻي تي مصيبت آڻيندس.


۽ جڏهن هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، تڏهن خداوند جي ڪاوڙ هن کان ڦري، جو هن کيس اصل ناس ڪرڻ نہ گهريو: ۽ تنهن کانسواءِ يهوداہ ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون بہ ڏسڻ ۾ ٿي آيون.


انهيءَ ڪري حزقياہ توڙي يروشلم جي رهاڪن پنهنجي دل جي مغروريءَ کان پاڻ کي نماڻو ڪيو، جنهن ڪري حزقياہ جي ڏينهن ۾ خداوند جي ڪاوڙ هنن تي نہ آئي.


هن جي دعا ۽ سندس قبول ٿيڻ؛ ۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو نماڻو ٿيو، هن جا گناهہ، ۽ هن جا سڀ قصور، ۽ جن هنڌن تي هن مٿانهيون جايون جوڙايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتون کڙيون ڪيائين، سي حوزيءَ جي تواريخ ۾ لکيل آهن.


۽ هن خداوند جي اڳيان نماڻو ٿي توبهہ نہ ڪئي، جيئن ڪ سندس پيءُ ڪئي هئي؛ پر اهو ساڳيو امون پاڻ وڌيڪ گناهہ ڪندو ويو.


۽ جيڪي اسانجن بڇڙن ڪمن ڪري، ۽ اسان جي وڏي گناهہ ڪري اسان تي آيو آهي، تنهن کانپوءِ جڏهن تو اسان جي خدا، اسان کي ايتري گهٽ سزا ڏني، جنهن جا اسين پنهنجن گناهن ڪري لائق هئاسين، ۽ اسان مان هيترا باقي بچيا اٿيئي،


اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تون سچو آهين؛ ڇالاءِ جو اسين جي ڀڄي ڇُٽا آهيون، سي باقي بچيا آهيون، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي: ڏس، اسين پنهنجي گنهگاريءَ ۾ تنهنجي اڳيان حاضر آهيون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڪري ڪوبہ تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


انهيءَ هوندي بہ جيڪي اسان تي آيو آهي، تنهن جي ڪري تون انصاف وارو آهين؛ ڇالاءِ جو تون سچائيءَ سان هليو آهين، پر اسان بڇڙا ڪم ڪيا آهن:


آءٌ گونگو ٿي رهيس، مون پنهنجو وات نہ پٽيو؛ ڇو جو تو ئي ائين ڪيو آهي.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


اي يهوداہ جا ماڻهو ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جي لاءِ پنهنجو طهر ڪرايو ۽ پنهنجي دل جا کولا لاهي اُڇلائي ڇڏيو: متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي اوهان جن بڇڙن ڪمن سبب پکڙي پئي، ۽ اهڙي ٻري جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


۽ اُهي اوهان کي تڏهن تسلي ڏيندا جڏهن اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين ڄاڻندا تہ جيڪي انهي ۾ مون ڪيو آهي سو سبب کان سواءِ نہ ڪيو اٿم.


۽ اُتي اوهين پنهنجين راهن ۽ پنهنجن سڀني ڪمن کي ياد ڪندا، جن سان اوهان پاڻ کي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪي خرابيون اوهان ڪيون آهن تن سڀني لاءِ اوهين خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي ڌڪاريندا.


جو اوهان منهنجي ماني، ۽ چرٻي، ۽ رت، پيش ڪرڻ وقت انهن ڌارين ماڻهن کي منهنجي پاڪ مڪان ۾، يعني منهنجي گهر ۾ آڻي انهي کي پليت ڪيو، جي دل جا اڻ طهريل آهن ۽ جسم جا بہ اڻ طهريل آهن؛ ۽ انهن منهنجو عهد اقرار ڀڃي اوهانجن سڀني بڇڙن ڪمن ۾ زيادتي ڪئي آهي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو دل جو اڻ طهريل ۽ جسم جو اڻ طهريل آهي، سو بني اسرائيل ۾ رهندڙ ڌارين ماڻهن مان منهنجي پاڪ مڪان ۾ نہ گهڙي.


۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.


تہ پوءِ آءٌ بہ اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


تہ آءٌ ڪاوڙجي اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهانجن گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


تڏهن اهي پنهنجي گناهہ جا قبولدار ٿين، ۽ پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏين، ۽ انهي جو پنجون حصو انهي ۾ وڌيڪ گڏين، پوءِ اهو انهي کي ڏين، جن جو انهن ڏوهہ ڪيو هجي.


۽ جيڪو پاڻ کي مٿي ڪندو سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ڪندو سو مٿي ڪيو ويندو.


ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري، سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري، سو مٿي ڪيو ويندو.


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هو ٻيو ماڻهو نہ، پر هيءُ راستباز ٿي گهر موٽيو: ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري سو هيٺ ڪيو ويندو، پر جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري سو مٿي ڪيو ويندو.


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


تنهنڪري اوهين پنهنجي دل جو ختنو ڪريو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.


۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت انهن تي شاهد وانگر شاهدي ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اهو هنن جي اولاد جي وات مان وسري ڪين ويندو، ڇو جو مون کي خبر آهي، تہ هاڻي ئي، يعني جنهن ملڪ بابت مون قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ کين پهچايان تنهن کان اڳ ۾ ئي، انهن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.


ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛


۽ انهي ۾ اوهان جو اهڙو ختنو بہ ٿيو جو هٿن سان نہ ٿيندو آهي يعني مسيح جو ختنو، جنهنڪري اوهان تان جسم لاٿو ويو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ