Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:38 - Sindhi Bible

38 ۽ اوهين قومن جي وچ ۾ تباهہ ٿي ويندا، ۽ اوهان جي دشمنن جي زمين اوهان کي کائي کپائي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 اوهين غير قومن جي وچ ۾ تباهہ ٿي ويندا ۽ اوهان جي دشمنن جي ڌرتي اوهان کي کائي کپائي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:38
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


پر جنهن هنڌ هن کي قيد ڪري وٺي ويا آهن، اُتي مري ويندو، ۽ وري هي ملڪ نہ ڏسندو.


تنهن ڪري هاڻي پڪ آهي تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهش ٿا ڪريو، اُتي ئي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا.


۽ جيڪي اوهان مان باقي بچندا، سي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري اوهان جي دشمنن جي ملڪن ۾ مري ڳري ويندا؛ ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري بہ انهن سان گڏ مري ڳري ويندا.


تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو.


جنهن رستي بابت مون توکي چيو هو تہ وري نہ ڏسج، انهي رستي کان خداوند توکي ٻيڙين ۾ چاڙهي مصر ۾ آڻيندو: ۽ اتي اوهين پاڻ کي پنهنجن دشمنن وٽ غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ