Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:34 - Sindhi Bible

34 ۽ جنهن عرصي ۾ ملڪ غير آباد هوندو، ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا، انهي عرصي ۾ اوهان جو ملڪ سبت وانگر آرام وٺندو؛ تڏهن زمين پنهنجن سبتن جو آرام وٺندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پوءِ جيستائين ملڪ ويران هوندو ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ جلاوطن ٿي رهندا، تيستائين اوهان جي زمين آرام وٺي سبت ملهائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:34
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن هو تنهنجو گناهہ ڪن، (ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو گناهہ نٿو ڪري) ۽ تون اُنهن تي ڪاوڙجين، ۽ اُنهن کي دشمنن جي حوالي ڪرين، جنهنڪري هو اُنهن کي قيد ڪري پري يا ويجهو دشمن جي ملڪ ۾ وٺي وڃن؛


انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان سچو ٿئي، جيسين ڪ ملڪ پنهنجا سبت ادا ڪيا: ڇالاءِ جو جيسين اهو ويران هو تيسين ستر ورهين تائين هن سبت ادا پئي ڪيا.


تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:


۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.


جيستائين اها ويران رهندي تيستائين آرام وٺندي، يعني اهو آرام، جو کيس اوهانجن سبتن ۾ بہ نصيب ڪونہ ٿيندو هو، جڏهن اوهين منجهس رهندا هئا.


۽ اها زمين بہ انهن کان ڇُٽندي، ۽ جيترو وقت زمين انهن کان سواءِ ويران رهندي، اوترو وقت اها پنهنجي سبت جو آرام وٺندي؛ ۽ هو پنهنجي گناهہ جي سزا قبول ڪندا: ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪيا، ۽ سندن روح منهنجن قانونن کان نفرت ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ