Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:31 - Sindhi Bible

31 ۽ آءٌ اوهان جا شهر ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان جا پاڪ مڪان سڃا ڪري ڇڏيندس، ۽ آءٌ اوهانجين خوشبودار شين کي ڪين سنگهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:31
45 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم.


تنهنجي دل نرم هئي، ۽ هن هنڌ بابت، ۽ اُتي جي رهندڙن بابت، مون جو چيو هو تہ اُهو ويران ٿيندو ۽ اُهي لعنتي ٿيندا، سو جڏهن تو ٻڌو تڏهن تو خداوند جي اڳيان نيزاري ڪئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي دانهن ٻڌي آهي.


۽ هنن خدا جو گهر ساڙي ڇڏيو، ۽ يروشلم جي ڀت ڀڃي ڊاهي ڇڏي، ۽ ان جون سڀ محلاتون باهہ سان ساڙي ڇڏيون، ۽ ان جا سڀ سهڻا باسڻ ناس ڪري ڇڏيائون.


۽ انهن مون کي چيو تہ جيڪي انهيءَ پرڳڻي ۾ قيد ٿيڻ کان باقي بچيا آهن، سي ڏاڍي ڏک ۽ مصيبت ۾ آهن: يروشلم جي ڀت بہ ڀڄي پيئي آهي، ۽ انهيءَ جا در باهہ سان سڙي ويا آهن.


تڏهن مون هنن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو بڇڙو حال آهي ۽ ڪيئن يروشلم ويران ٿيو پيو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙيا پيا آهن: اچو تہ يروشلم جي ڀت اڏيون، تہ اڳتي خوار خراب نہ ٿيون.


۽ مون بادشاهہ کي چيو تہ شل بادشاهہ سدائين سلامت هجي: منهنجو چهرو ڇو نہ غمگين ٿئي، جڏهن اهو شهر، جنهن ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، سو ويران ٿي ويو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙي ويا آهن؟


اوهان جو ملڪ ويران آهي؛ اوهان جا شهر باهہ سان سڙي ويا آهن؛ اوهان جي زمين کي ڌاريا ماڻهو اوهان جي روبرو ڳهيو ٿا وڃن، ۽ اها سڃي آهي، ۽ ڌارين ماڻهن انهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.


تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي.


رڳو ٿوري وقت جي لاءِ تنهنجي پاڪ اُمت جو انهي تي قبضو رهيو: اسان جي دشمنن تنهنجي پاڪ مڪان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي.


اي خداوند تون نهايت گهڻو نہ ڪاوڙج، ۽ اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد نہ ڪر: نهار، ڏس، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين تنهنجي اُمت آهيون.


ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛


پر جي اوهين اهي ڳالهيون نہ ٻڌندا، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ذات جو قسم ٿو کڻان تہ هي گهر ويران ٿي ويندو.


تہ آءٌ هن گهر کي سيلا جهڙو ڪندس، ۽ هن شهر کي زمين جي سڀني قومن لاءِ لعنت ٺهرائيندس.


ڇالاءِ تو خداوند جي نالي سان نبوت ڪري چيو آهي تہ هي گهر سيلا جهڙو ٿيندو، ۽ هي شهر اهڙو ويران ٿيندو جو ڪوبہ منجهس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟ پوءِ سڀ ماڻهو يرمياہ وٽ خدا جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


مون نهاريو ۽ ڏٺم تہ آباد زمين بيابان ٿي ويئي ۽ ان جا سڀ شهر خداوند جي حضور مان ۽ سندس خوفناڪ ڪاوڙ جي اڳيان ڊهي ڪري پيا.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ سارو ملڪ ويران ٿي ويندو؛ انهي هوندي بہ آءٌ ان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس.


هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪا خرابي مون يروشلم تي ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن تي آندي آهي، سا سڀ اوهان ڏٺي آهي؛ ۽ ڏس، اڄ اُهي اهڙا ويران آهن جو ڪوبہ ماڻهو انهن ۾ نٿو رهي.


جنهن ڪري منهنجو غضب ۽ منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي نڪتي، ۽ يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ٻرڻ لڳي؛ ۽ هو زبون ۽ ويران ٿي ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.


۽ آءٌ يروشلم کي ڍير، ۽ گدڙن جي جوءِ ڪندس؛ ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!


دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين.


۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس.


خداوند پنهنجي قربانگاهہ رد ڪري ڇڏي آهي، هن پنهنجي پاڪ مڪان کي ڌڪاريو آهي، هن انهيءَ جي محلاتن جون ڀتيون دشمن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن: هنن خداوند جي گهر ۾ اهڙو گوڙ مچايو آهي جهڙو سڳوري جماعت گڏ ٿيڻ جي ڏينهن ٿيندو آهي.


۽ جيڪي شهر آباد آهن، سي غير آباد ٿيندا، ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


مون انهي ترار جي نوڪ هنن جي سڀني دروازن تي رکي آهي، تہ سندن دل پگهري وڃي ۽ هو وڌيڪ آٿڙجن. هائو، اُها وڄ جهڙي آهي، اُها ڪوس جي لاءِ تيار آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو توکي چوندا تہ تون ڇو ٿو آهون ڪرين؟ تڏهن تون چئج تہ انهي خبر جي ڪري، ڇالاءِ جو اُها اچي ٿي: ۽ سڀ ڪا دل پگهرجي ويندي، ۽ سڀ هٿ ضعيف ٿي ويندا ۽ سڀ ڪو روح ماندو ٿي ويندو، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا نستا ٿي ويندا: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُها اچي ٿي ۽ ائين ڪيو ويندو.


اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.


اوهانجن سڀني رهڻ وارن هنڌن جا شهر ويران ڪيا ويندا، ۽ مٿانهان مڪان سڃا ڪيا ويندا؛ تہ اوهانجون قربانگاهون ويران ۽ سُڃيون ٿي وڃن، ۽ اوهان جا بُت ڀڄي پون ۽ نابود ٿي وڃن، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍجي ڪِري پون، ۽ اوهان جي ڪاريگريءَ جا ڪم ناس ٿي وڃن.


ٻڍي توڙي جوان، ڪنواري توڙي ننڍن ٻارن ۽ زالن کي اصل قتل ڪري ڇڏيو: پر جنهن ماڻهوءَ تي نشان هجي، انهي کي ويجهو نہ اچجو؛ ۽ منهنجي پاڪ مڪان کان شروع ڪريو. تڏهن هنن بزرگن کان شروع ڪيو، جي گهر جي اڳيان هئا.


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر منهن ڀر ڪري داني ايل کي سجدو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ هن کي نذرانو ۽ خوشبويون ڏين.


۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.


تنهنڪري، اوهان جي سبب صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم دڙا ٿي ويندو، ۽ هن گهر جو جبل ٻيلي جي مٿانهين جڳهن جهڙو ٿيندو.


مون قومن کي وڍي ڇڏيو آهي، ان جا ڪنگرا ويران پيا آهن؛ مون سندن گهٽيون اهڙيون سُڃيون ڪري ڇڏيون آهن جو اُتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگهي؛ انهن جا شهر اهڙا ناس ٿي ويا آهن جو انهن ۾ ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي.


۽ اُهي ترار سان قتل ٿيندا، ۽ سڀني قومن منجهہ قيدي ٿي ويندا؛ ۽ يروشلم کي غير قومن وارا اچي لتاڙيندا، جيسين ڪ غير قومن جو وقت اچي پورو ٿئي.


ڇوتہ اسان هن کي هيئن چوندو ٻُڌو آهي، تہ اِهو يسوع ناصري هن جاءِ کي برباد ڪندو، ۽ جيڪي رسمون موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي، تن کي بدلائي ڇڏيندو.


ڇالاءِ جو سچ جي سياڻپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن اسين ڄاڻي ٻجهي گناهہ ڪنداسين تہ گناهن جي ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رهندي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ