Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:30 - Sindhi Bible

30 ۽ آءٌ اوهان جون مٿانهيون جايون ڊاهي ڇڏيندس، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا لاش اوهان جي معبودن جي لاشن تي اُڇلائيندس؛ ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 آءٌ ٽڪر تي ٺهيل اوهان جي غير معبودن وارا پوڄا گھر ڊاهي ڇڏيندس ۽ اوهان جون لوبان واريون قربان‌گاهون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس. اوهان جا لاش آءٌ اوهان جي بي‌جان معبودن مٿان اڇلائي ڍير ڪندس. مون کي اوهان کان سخت نفرت ٿي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:30
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسين هن شهر کي برباد ڪنداسين، ڇو تہ هن جي دانهن خداوند وٽ تمام گهڻي ٿي آهي، ۽ خداوند اسان کي هن جي برباد ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.


۽ خداوند جي حڪم سان هو قربانگاهہ جي برخلاف وڏي سڏ چوڻ لڳو تہ اي قربانگاهہ، قربانگاهہ، خداوند هيئن ٿو فرمائي: ڏس، دائود جي گهراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو؛ ۽ اُهو تو تي انهن مٿانهين جاين جي ڪاهنن کي قرباني ڪندو، جي تو تي لوبان ٿا ساڙين؛ ۽ تو تي ماڻهن جا هڏا ساڙيندا.


ڇالاءِ جو خداوند جي حڪم موجب جيڪو ڪلام هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ، ۽ سامريہ جي شهرن ۾ جيڪي مٿانهن هنڌن تي گهر آهن، تن سڀني جي برخلاف ڪيو هو، سو ضرور پورو ٿيندو.


۽ جيئن يوسياہ منهن ڦيرايو تيئن هن جي نظر انهن قبرن تي پيئي جي انهيءَ جبل ۾ هيون؛ ۽ هن ماڻهو موڪلي انهن قبرن مان هڏا ڪڍائي ورتا، ۽ انهن کي قربانگاهہ تي ساڙيائين، ۽ انهيءَ کي پليت ڪيائين، جيئن ڪ خدا جي مرد، خداوند جي ڪلام موجب اهي ڳالهيون پڌريون ڪري ٻڌايون هيون.


۽ مٿانهين جاين جا جيڪي پوڄاري هئا تن سڀني کي هن قربانگاهن تي قتل ڪرائي ڇڏيو، ۽ ماڻهن جا هڏا انهن جي مٿان ساڙايائين؛ پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽيو.


۽ هن سڀ پوڄاري يهوداہ جي شهرن مان ٻاهر ڪڍيا، ۽ جبع کان وٺي بيرسبع تائين، جن مٿانهين جاين تي اُهي پوڄاري لوبان ساڙيندا هئا، اُنهن کي پليت ڪيائين؛ ۽ هن اُهي سڀ چونڪ جون مٿانهيون جايون ڀڃرايون، جي شهر جي حاڪم يشوع جي دروازي جي لنگهہ وٽ هيون، ۽ جي شهر جي دروازي وٽ ماڻهوءَ جي کٻي هٿ پاسي هيون.


۽ سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏي ويا ۽ انهيءَ کي ڀڳائون، ۽ انهيءَ جون قربانگاهون ۽ انهيءَ جا بُت ڀڃي پرزا پرزا ڪيائون، ۽ بعل جي ڪاهن متانَ کي قربانگاهہ جي اڳيان قتل ڪيائون.


هاڻي جڏهن سڀ ڪم پورو ٿيو، تڏهن جي اسرائيلي حاضر هئا، سي نڪري يهوداہ جي شهرن ڏي ويا، ۽ ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ يسيرتن کي وڍي ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ مٿانهيون جايون ۽ قربانگاهون ساري يهوداہ ۽ بنيمين مان، بلڪ افرائيم ۽ منسي مان بہ، ڀڃي ڇڏيائون، ۽ اهي سڀيئي چٽ ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ سڀ بني اسرائيل موٽي پنهنجي پنهنجي ملڪيت تي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا.


تڏهن خداوند کي پنهنجيءَ اُمت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هو پنهنجيءَ ميراث جي حقارت ڪرڻ لڳو.


پر تو انهيءَ کي رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي مسح ڪيل تي ڪاوڙيو آهين.


انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون.


تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو!


۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.


آءٌ توکي هنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هو تنهنجي مٿانهين جاءِ ڪيرائي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا عاليشان مڪان ڀڃي ڇڏيندا؛ ۽ هو تنهنجا ڪپڙا لاهي ويندا، ۽ تنهنجا سهڻا زيور کسي ويندا: ۽ توکي اگهاڙو ننگو ڇڏي هليا ويندا.


۽ اُنهي مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ منهنجي تختگاهہ آهي، ۽ منهنجي پيرن جي ترين رکڻ جي جاءِ آهي، جتي آءٌ هميشہ لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس: ۽ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري منهنجي پاڪ نالي کي پنهنجي زناڪاريءَ سان، ۽ پنهنجن مٿانهن مڪانن تي پنهنجي بادشاهن جي لاشن سان، ناپاڪ نہ ڪندو، ۽ نہ هو ۽ نہ سندن بادشاهہ.


۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن هنن جا ڪُٺل ماڻهو، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، سڀني جبلن جي چوٽين تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، ۽ سڀ ڪنهن شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ، جتي هو پنهنجن سڀني بُتن لاءِ خوشبودار نذرانا چاڙهيندا هئا، اُتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري، سندن بُتن جي وچ ۾، پيا رهندا.


هن جي دل ورهائجي وئي آهي؛ هاڻي هو ڏوهاري ٺهرايا ويندا: هو ان جي قربانگاهن کي ڌڪ هڻندو، هو انهن جي ٿنڀن کي خراب ڪندو.


۽ جنهن قوم کي آءٌ اوهان جي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان، تنهنجين رسمن تي اوهين نہ هلجو: ڇالاءِ جو انهن اهي سڀ ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان نفرت ڪئي.


۽ آءٌ پنهنجو خيمو اوهان ۾ کوڙيندس: ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت نہ ڪندو.


۽ جيڪڏهن اوهين منهنجا قانون رد ڪندا، ۽ جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجين عدالتن کي ناپسند ڪندي، جنهن ڪري اوهين منهنجن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا، پر منهنجو عهد ڀڃندا؛


خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.


۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.


خداوند اهو ڏٺو، ۽ انهن کان نفرت ٿيس، ڇالاءِ جو انهي جي پٽن ۽ ڌين کيس ڪاوڙايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ