Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:28 - Sindhi Bible

28 تہ آءٌ ڪاوڙجي اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهانجن گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 تہ آءٌ بہ ڪاوڙجي اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:28
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.


مون ۾ ڪاوڙ ڪانهي، جنگ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا منهنجي برخلاف هجن ها تہ آءٌ انهن تي ڪاهہ ڪريان ها، ۽ سڀني کي گڏ ساڙي ڇڏيان ها.


هو انهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو، پنهنجن مخالفن تي غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو؛ ٻيٽن کي هو پورو بدلو ڏيندو.


مون اڪيلي انگور جو چيچڙو لتاڙيو آهي؛ ۽ قومن مان ڪوبہ ماڻهو مون سان ڪونہ هو؛ هائو، غصي ۾ مون انهن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ مون انهن کي چٿيو؛ انهن جو رت منهنجي ڪپڙن تي ڇاٽاريو ويو، ۽ منهنجن سڀني ڪپڙن تي داغ ٿيا آهن.


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند باهہ سان ايندو، ۽ هن جون جنگي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون؛ انهيءَ لاءِ تہ هن جو غصو جوش وارو، ۽ هن جي ملامت باهہ جي شعلن واري ٿئي.


۽ آءٌ پاڻ ڊگهيريل هٿ سان، ۽ مضبوط ٻانهن سان، بلڪ غصي ۾، ۽ جوش ۾، ۽ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ اوهان سان وڙهندس.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.


خداوند پنهنجو غضب پورو ڪيو آهي، هن پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ هاري وڌي آهي؛ ۽ هن صيون ۾ باهہ ٻاري آهي، جنهن انهيءَ جو بنياد ناس ڪري ڇڏيو آهي.


انهي طرح منهنجي ڪاوڙ پوري ٿيندي، ۽ آءٌ انهن تي پنهنجو غصو ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ايندو: ۽ جڏهن آءٌ مٿن پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس، تڏهن هو ڄاڻندا تہ مون خداوند اهو سڀ پنهنجي غيرت سان فرمايو آهي.


انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


تنهنڪري آءٌ بہ هنن سان قهر جي هلت ڪندس: منهنجي اک گذر نہ ڪندي، ۽ نہ مون کي رحم ايندو: ۽ جيتوڻيڪ هو وڏيون رڙيون ڪري منهنجن ڪَنن ۾ پڪاريندا، تہ بہ آءٌ هنن جي ڪين ٻڌندس.


تہ پوءِ آءٌ بہ اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


۽ جيڪڏهن ايتري هوندي بہ اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، پر منهنجي برخلاف هلندا،


تنهن جي ئي ڪري آءٌ سندن برخلاف هليس، ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم: تنهن لاءِ جڏهن انهن جي اڻ طهريل دل پشيمان ٿيندي، ۽ پنهنجي گناهہ جي سزا قبول ڪندا؛


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي؛ هائو خداوند انتقام ٿو وٺي ۽ ڪاوڙ ٿو ڏيکاري؛ خداوند پنهنجن دشمنن کان وير وٺي ٿو، ۽ پنهنجي ويرين لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ