Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:20 - Sindhi Bible

20 اوهان جي طاقت اجائي خرچ ٿيندي: ڇالاءِ جو اوهان جي زمين وڌيڪ پيدائش نہ ڪندي، نڪي باغ جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اوهان جو سخت پورهيو بي‌فائدو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زمين فصل پيدا ڪانہ ڪندي، نڪي وري باغن جا وڻ ئي ڪو ميوو ڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:20
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تون زمين تي پوک ڪندين، تڏهن انهيءَ مان توکي پيدائش ڪانہ ملندي، ۽ تون زمين تي رلندين ۽ ڌڪا کائيندين.


۽ ايلياہ پاڻ ڏيکارڻ لاءِ اخي آب وٽ آيو. انهيءَ وقت سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار هو.


تہ ڀلي ڪڻڪ جي بدران ڪانڊيرا ڄمن، ۽ جون جي بدران ڪڙا داڻا. ايوب جو ڪلام پورو ٿيو.


هو ماڻهن جي بڇڙائيءَ ڪري، آباد زمين کي ڪلر بنايو ڇڏي.


جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي.


ڇالاءِ جو تو پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت جي ٽڪر کي ياد نہ ڪيو اٿيئي؛ تنهن ڪري تون مزي جهڙا وڻ پوکين ٿو، ۽ عجيب قلمن سان انهي کي سينگارين ٿو:


وڻن رکڻ واري ڏينهن تون انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏين ٿو، ۽ صبح جو تون انهيءَ ۾ ٻور ٿو ڏسين؛ پر فصل جو ڏينهن ڏک ۽ سخت مصيبت جو ڍڳ ٿيندو.


پر مون چيو تہ مون اجائي محنت ڪئي آهي، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي: انهي هوندي بہ يقيناً منهنجو انصاف خداوند وٽ آهي، ۽ منهنجو اجر منهنجي خدا وٽ آهي.


هنن ڪڻڪ پوکي آهي پر ڪنڊا لڻيا اٿن: هنن سور سٺا آهن پر حاصل ڪجهہ بہ نہ ڪيو اٿن: ۽ اوهين خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ جي سبب پنهنجي حاصلات کان شرمندا ٿيندا.


آءٌ هن جي سڀ خوشي، هن جون عيدون، هن جا نوان چنڊ، ۽ هن جا سبت، ۽ هن جون سڀ سڳوريون مجلسون بند ڪري ڇڏيندس.


تہ آءٌ اوهان جي لاءِ پوريءَ مند تي مينهن وسائيندس، ۽ زمين پنهنجي پيدائش گهڻي ڏيندي، ۽ باغ جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا.


ڏس اهو لشڪرن جي خداوند جي طرفان ناهي ڇا تہ ماڻهن جو پورهيو باهہ کي ڏئي، ۽ قومون باطل شين لاءِ هلاڪ ٿين؟


انهيءَ زماني جو، جڏهن ڪو ماڻهو ويهن ماڻهن جي ڍڳ تي ٿي آيو، تہ فقط ڏهہ ئي هئا؛ جڏهن ڪو شراب جي چيچڙي مان پنهنجا دنگ ڪڍڻ لاءِ اچي، تڏهن رڳو ويهہ ئي هجن.


مون پوکيو ۽ اپلوس پاڻي ڏنو، پر خدا انهي کي وڌايو.


مون کي اوهان جي نسبت ۾ اهو ڊپ ٿو ٿئي، تہ متان جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي، سا ڪنهن طرح اجائي ٿي وڃي.


۽ خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ هو آسمان کي بند ڪري ڇڏي، ۽ برسات نہ پوي، ۽ زمين جي پيداوار نہ ٿئي، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند اوهان کي ڏئي ٿو تنهن ۾ اوهين جلد نابود ٿي وڃو.


تنهنجي اولاد تي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار تي، تنهنجين گاين، ۽ ڌڻن جي ٻچن تي لعنت پوندي.


تنهنجا سڀ وڻ ۽ تنهنجيءَ زمين جي سڀ پيداوار مڪڙ کائي ويندا.


ڇالاءِ جو منهنجي غصي جي باهہ ڀڙڪو کاڌو آهي، جا اوڙاهہ جي تري تائين ٻرندي ويندي، ۽ زمين کي سندس پيداوار سميت ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن جي بنيادن کي بہ ساڙي ڇڏيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ