Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:19 - Sindhi Bible

19 آءٌ اوهان جي زور جو هٺ ڀڃندس؛ ۽ اوهان جو آسمان لوهہ جهڙو، ۽ اوهان جي زمين پتل جهڙي ڪندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 آءٌ اوهان جو شهزوريءَ وارو هٺ ڀڃي ڇڏيندس ۽ اوهان جي لاءِ آسمان کي پتل جهڙو ۽ زمين کي لوهہ جهڙو ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:19
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


جڏهن تنهنجي گناهہ ڪرڻ ڪري آسمان بند ٿئي ۽ مينهن ڪونہ پوي؛ تڏهن جي هو هن هنڌ ڏانهن دعا گهرن، ۽ تنهنجو نالو مڃين، ۽ جيڪي مصيبتون تون هنن تي وجهين تن جي ڪري هو پنهنجي گناهہ کان ڦرن:


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


هو انهيءَ جي وچ ۾ پنهنجا هٿ پکيڙيندو جيئن تارو ترڻ لاءِ پنهنجا هٿ پکيڙيندو آهي: ۽ هو ان جي مغروريءَ کي ان جي هٿن جي چالاڪيءَ سان گڏ لاهي هيٺ ڪندو.


ڇالاءِ جو هن مٿانهينءَ تي رهڻ وارن کي، بلڪ مغرور شهر کي هيٺ ڪيرايو: يعني انهن کي هيٺ ڪيرائي زمين تي هموار ڪري، مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.


افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ انهيءَ وانگي آءٌ يهوداہ جي وڏائي ۽ يروشلم جي وڏي مغروري خراب ڪندس.


تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.


اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي مصر کي مدد ڪن ٿا سي بہ ڪِرندا، ۽ ان جي طاقت جو فخر بہ هيٺ لهندو: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مجدال کان وٺي اسوان تائين هو ترار سان انهي ۾ ڪِرندا.


۽ آءٌ زمين کي ويران ۽ حيرت جو سبب ڪندس ۽ ان جي طاقت جو فخر بند ٿي ويندو، ۽ اسرائيل جا جبل بہ اهڙا ويران ٿي ويندا جو ڪوبہ منجهان نہ لنگهندو.


تنهنڪري آءٌ غير قومن مان تمام خراب ماڻهو آڻيندس، ۽ اُهي هنن جي گهرن جا مالڪ ٿيندا: آءٌ زور وارن جو فخر بہ ڀڃي ڇڏيندس، ۽ هنن جون پاڪ جايون ناپاڪ ڪيون وينديون.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


انهيءَ ڏينهن تون پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندي نہ ٿيندينءَ ڇا، جن سان تو منهنجو گناهہ ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو تڏهن آءٌ تنهنجي وچ مان سڀني مغرورن کي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ تون منهنجي پاڪ جبل تي وري مغروري نہ ڏيکاريندينءَ.


پر آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايلياہ جي ڏينهن ۾ جڏهن ساڍا ٽي ورهيہ آسمان پوريو پيو هو، ۽ سڄي ملڪ ۾ ڏڪر هو، تڏهن اسرائيل ۾ گهڻيئي بيوهہ زالون هيون،


۽ خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ هو آسمان کي بند ڪري ڇڏي، ۽ برسات نہ پوي، ۽ زمين جي پيداوار نہ ٿئي، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند اوهان کي ڏئي ٿو تنهن ۾ اوهين جلد نابود ٿي وڃو.


۽ تنهنجي مٿان جو آسمان آهي سو پتل جهڙو ٿيندو، ۽ تنهنجي هيٺان جا زمين آهي سا لوهہ جهڙي ٿيندي.


۽ خدا جي صندوق جهلجي ويئي، ۽ عيلي جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.


۽ جڏهن هو لشڪرگاهہ ۾ آيا تڏهن اسرائيل جي بزرگن چيو تہ ڇالاءِ خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان شڪست ڏني آهي؟ اچو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق سيلا ۾ کڻي اچون تہ اُها اسان منجهہ اچي، ۽ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ