اوهين وڃي منهنجي، ۽ ماڻهن جي، ۽ ساري يهوداہ جي طرفان خداوند کان انهيءَ لڌل ڪتاب جي ڪلام بابت پڇو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي تمام ڏاڍي ڀڙڪي آهي، هن ڪري جو اسان جي ابن ڏاڏن انهيءَ ڪتاب جي ڪلام کي نہ مڃيو آهي ۽ اسان بابت جيڪي انهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي پوري تعميل نہ ڪئي اٿن.
انهي هوندي بہ هنن نہ مڃيو ۽ نڪي پنهنجو ڪن ڏنائون، بلڪ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب دل جي نٺرائي موجب هليو: تنهن ڪري مون انهن تي هن عهد اقرار جون سڀ ڳالهيون آنديون، جن جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون انهن کي حڪم ڪيو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.
پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.
۽ هنن اچي اُها هٿ ڪئي؛ پر هنن تنهنجو حڪم نہ مڃيو، نڪي هو تنهنجي شريعت تي هليا؛ جيڪي حڪم تو هنن کي ڏنا تن مان ڪوبہ هنن بجا نہ آندو: تنهن ڪري تو هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي:
لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.
۽ هيئن ٿيندو تہ جهڙيءَ طرح اُهي سڀ ڳالهيون اوهان تي اچي بيٺيون آهن، جن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان کي خبر ڏني، تهڙيءَ طرح سڀ خراب ڳالهيون بہ خداوند اوهان تي آڻيندو، جيستائين هو اوهان کي ناس ڪري، ۽ اها چڱي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن تان اوهان کي اُگهي ڇڏي.
پر جي اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف ٿيندا، تہ خداوند جو هٿ اوهان جي برخلاف ائين ٿيندو جيئن ڪ اوهان جي ابن ڏاڏن جي برخلاف هو.