جن جن جاين تي بني اسرائيل سان گڏ پئي هليو آهيان، اُتي اسرائيل جي جنهن ڪنهن فرقي کي مون پنهنجي قوم اسرائيل جي سنڀالڻ لاءِ حڪم پئي ڏنو، تنهن کي ڪڏهن ڪو مون چيو ڇا تہ اوهان ڇو منهنجي لاءِ ديودار جي ڪاٺيءَ جو گهر نہ جوڙيو آهي؟
۽ جيڪڏهن اوهين منهنجا قانون رد ڪندا، ۽ جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجين عدالتن کي ناپسند ڪندي، جنهن ڪري اوهين منهنجن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا، پر منهنجو عهد ڀڃندا؛
پر جي اوهان جي موروثي زمين ناپاڪ هجي، تہ اوهين لنگهي خداوند جي ملڪيت واري زمين ۾ اچو، جنهن ۾ خداوند جي عبادتگاهہ وارو تنبو لڳل آهي، ۽ اسان سان گڏ حصو وٺو: پر خداوند کان باغي نہ ٿيو، ۽ نہ اسان جي برخلاف فساد ڪريو، جو خداوند اسان جي خدا جي قربانگاهہ کانسواءِ پنهنجي لاءِ ٻي قربانگاهہ ٿا ٺاهيو.
۽ فينحاس بن اليعزر ڪاهن، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ کي چيو تہ اڄ اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي، ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي برخلاف اهو قصور نہ ڪيو آهي: هاڻي اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي هٿان ڇڏايو آهي.