Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 26:1 - Sindhi Bible

1 اوهين پنهنجي لاءِ بت نہ جوڙجو، نڪي ڪا اُڪريل مورت يا ڪو ٿنڀ ٺاهجو، نڪي ڪو مورت وارو پهڻ پنهنجيءَ زمين ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ کڙو ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند فرمايو تہ ”اوهين پنهنجي ملڪ ۾ پوڄا لاءِ نہ بت ٺاهجو، نہ ڪو مجسمو، نڪي پٿر جا ٿنڀا ۽ نہ تراشيل پٿر کڙا ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 26:1
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪر تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، هنن پنهنجي لاءِ ٿنڀ ۽ يسيرتون کڙيون ڪيون:


۽ هنن خداوند پنهنجي خدا جا سڀ حڪم ڇڏي ڏنا، ۽ پنهنجي لاءِ پلٽيل بت جوڙيائون، يعني ٻہ گابا، ۽ يسيرتون جوڙيائون، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي پوڄا ڪيائون، ۽ بعل جي عبادت ڪيائون.


۽ جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪلي ڪڍيو تن جي، ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي جوڙيل قانونن تي هليا.


انهن پنهنجين مٿانهين جاين جي ڪري کيس غصو ڏياريو، ۽ پنهنجين اُڪريلن مورتن جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


جيڪي گهڙيل مورتن کي سجدو ڪري پوڄا ٿا ڪن، ۽ جيڪي بتن جي ڪري پاڻ کي پڏائين ٿا، سي سڀ شرمندا ٿين: اي سڀ معبودو اوهين هن جي اڳيان سجدو ڪريو.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


اوهين مون سان گڏ ٻين معبودن کي نہ مڃو، نڪي پنهنجي لاءِ چانديءَ يا سون جا معبود جوڙيو.


تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج.


تون پنهنجي لاءِ ڪنهن بہ معبود جي پلٽيل مورت نہ جوڙج.


انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛


اوهين بتن ڏانهن متان ڦرو، نڪي پنهنجي لاءِ پلٽيل معبود جوڙيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل منهنجا ٻانها آهن؛ اهي منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.


هارون جي پٽن مان، جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ۽ چرٻي پيش ڪري، تنهن کي ساڄي ران حصي ۾ ملي.


تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي، پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍجو، ۽ انهن جون پٿر جون مورتون، ۽ پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو، ۽ انهن جون اُتانهون جايون ڊاهي ڇڏجو:


تنهنڪري اسين جي خدا جو اولاد آهيون، تن کي هي سمجهڻ نہ گهرجي تہ خدا جي ذات انهي سون يا چانديءَ يا پهڻ جهڙي آهي، جي اسان جي هنر ۽ حڪمت سان گهڙيل آهن.


جيڪو ماڻهو ڪاريگر جي هوشياريءَ سان اُڪريل يا پلٽيل مورت جوڙي، جا خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي، ۽ انهيءَ کي ڪنهن لڪل جاءِ تي رکي، سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون، آمين.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو.


پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.


۽ بني دان اُها اُڪريل مورت پنهنجي لاءِ بيهاري ڇڏي: ۽ يونتن، بن جيرسوم، بن موسيٰ، ۽ سندس پٽ، دان جي فرقي جا ڪاهن ٿيا، جيستائين ڪ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو قيد ٿي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ