Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:25 - Sindhi Bible

25 جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي ويو هجي، ۽ ملڪيت مان ڪجهہ کڻي وڪڻي، تہ هن جو ويجهو مائٽ اچي، ۽ جيڪي سندس ڀاءُ وڪيو هجي سو ڇڏائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 جيڪڏهن اوهان جي قوم جو ڪو ماڻهو غريب ٿي ويو هجي ۽ پنهنجي ملڪيت مان ڪجھہ زمين وڪڻي ڇڏي، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز سندس اها ملڪيت ڇڏائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:25
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهين پنهنجي ملڪيت واري ملڪ ۾ زمين جو ڇڏائڻ منظور ڪجو.


پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪوبہ اهڙو مائٽ نہ هجي جو اها ڇڏائي، ۽ جي هو پاڻ اهڙو وسعت وارو ٿي ويو هجي جو اها ڇڏائي سگهي؛


۽ جيڪڏهن اوهان ۾ رهندڙ ڪو پرديسي يا مسافر شاهوڪار ٿئي، ۽ تنهنجو ڀاءُ جو انهيءَ سان گڏ رهندو هجي سو غريب ٿي پوي، ۽ اوهان ۾ رهندڙ انهي پرديسي يا مسافر وٽ، يا انهي جي خاندان مان ڪنهن ٻئي وٽ پاڻ کي وڪڻي؛


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي خريد ڪيل ٻني، جا اصل کان سندس ميراث نہ هجي، سا خداوند جي لاءِ پاڪ ٺهرائڻ گهري؛


ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


۽ نعوميءَ پنهنجي ننهن کي چيو تہ جنهن شخص جيئرن توڙي مُئن کان پنهنجي مهرباني روڪي نہ ڇڏي آهي تنهن کي خداوند شل برڪت وارو ڪري، ۽ نعوميءَ چيس تہ هن ماڻهوءَ جي اسان سان قرابت آهي، ۽ هو اسان جي ويجهن مائٽن مان آهي.


هاڻي اهو سچ آهي تہ آءٌ ويجهو مائٽ آهيان: پر مون کان بہ ويجهو ٻيو هڪڙو مائٽ آهي.


هاڻي بوعز، جنهن جي نوڪرياڻين سان تون هئينءَ، سو اسان جو مائٽ ناهي ڇا؟ ڏس اڄ رات هو ڳاهڻ واري پڙ ۾ جَوَ اُڏائي صاف ڪرڻ وارو آهي.


۽ هن چيو تہ تون ڪير آهين؟ تڏهن هن ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي روٿ آهيان؛ تنهنڪري تون پنهنجي ٻانهيءَ جي مٿان پنهنجو دامن پکيڙي وجهہ؛ ڇالاءِ جو تون ويجهو مائٽ آهين.


تڏهن هن انهيءَ ويجهي مائٽ کي چيو تہ نعومي، جا موآب جي ملڪ مان موٽي آئي آهي، سا زمين جو اُهو حصو وڪڻي ٿي، جو اسان جي ڀاءُ اليملڪ جو هو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ