ڏس تنهنجي چاچي سلوم جو پٽ حنم ايل تو وٽ ايندو، ۽ چوندو تہ منهنجي ٻني، جا عنتوت ۾ آهي، سا پنهنجي لاءِ خريد ڪر. ڇالاءِ جو ان جي لاءِ پئسا ڏئي وري ڇڏائي وٺڻ جو حق تنهنجو آهي.
تہ هو انهيءَ جي وڪري جا ورهيہ شمار ڪري، ۽ باقي رهيل ورهين جي لاءِ جيڪي واجب هجي سو انهي ماڻهوءَ کي موٽائي ڏئي، جنهن کي هن اها ملڪيت وڪي هجي؛ پوءِ هو پنهنجي ملڪيت تي موٽي اچي.
پر جن ڳوٺن جي چوڌاري شهر پناهہ اڏيل نہ هجي، تن ۾ جيڪي گهر هجن سي ٻهراڙيءَ جي ٻنين وانگر ليکيا ويندا: اهي ڇڏائي سگهبا، ۽ جشن واري سال ۾ پاڻهي ڇٽي ويندا.
۽ نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ، جن کي روح جو پهريون ڦل مليو آهي، سي پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجهون ۽ پنهنجي گود جا پٽ ٿيڻ لاءِ، يعني پنهنجي بدن جي ڇوٽڪاري لاءِ، منتظر ٿيو ويٺا آهيون.