Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:21 - Sindhi Bible

21 تہ آءٌ ڇهين ورهيہ ۾ اوهان تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس، ۽ زمين ٽن سالن جيترو ڦل ڏيندي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن ٻڌو، آءٌ ڇهين سال اوهان تي پنهنجي ايتري تہ برڪت نازل ڪندس جو زمين ايتري پيداوار ڏيندي جو اوهين ٽن سالن تائين کائيندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسحاق انهيءَ زمين ۾ پوک ڪئي، ۽ ساڳئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ۽ خداوند کيس برڪت ڏني.


۽ سڪار جي ستن ورهين ۾ زمين مان تمام گهڻي پيدائش ٿي.


۽ حرمون جي ماڪ وانگي آهي جا صيون جي جبلن تي ٿي پوي: ڇو جو اتي خداوند برڪت جو يعني هميشہ جي زندگيءَ جو حڪم ڏنو.


ڏسو، خداوند اوهان کي سبت ڏنو آهي، تنهنڪري هو ڇهين ڏينهن اوهان کي ٻن ڏينهن جي ماني ٿو ڏئي، اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ رهي؛ ستين ڏينهن ڪوبہ ماڻهو پنهنجي گهر کان ٻاهر نہ نڪري.


۽ ڇهين ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جيڪي هو آڻي تيار ڪندا، سو هر روز جيترو هو گڏ ڪندا هوندا تنهن کان ٻيڻو ٿي پوندو.


خداوند جي برڪت دولتمند ڪري ٿي، ۽ هو انهيءَ تي ڏک نٿو وڌائي.


۽ آءٌ انهن کي، ۽ پنهنجي ٽڪريءَ جي آس پاس وارين جاين کي، برڪت جو سبب ڪندس؛ ۽ آءٌ مندائتو مينهن وسائيندس؛ بلڪ برڪت جا وسڪارا ٿيندا.


پر ستون ورهيہ انهيءَ زمين جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، يعني خداوند جي لاءِ سبت ٿيڻ گهرجي: انهي ۾ نڪي تون پنهنجي ٻني پوکج، نڪي پنهنجي ڊاک جي ڇانگ ڪج.


۽ زمين جي سبت جي پيدائش اوهان جي کاڌي لاءِ رهندي؛ يعني تنهنجي لاءِ، تنهنجي نوڪر ۽ ٻانهيءَ جي لاءِ، ۽ تنهنجي پورهيت جي لاءِ، ۽ جيڪو مسافر تو وٽ ٽڪيل هجي تنهن جي لاءِ؛


۽ جيڪو هاريءَ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج موجود ڪري ڏيندو، ۽ منجهس واڌ وجهندو، ۽ اوهان جي راستبازيءَ جو ڦل بہ وڌائيندو:


تون شهر ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين.


خداوند جي حڪم سان تنهنجن ڀانڊن ۾، ۽ جن جن ڪمن ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ برڪت پوندي، جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ توکي برڪت ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ