Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:19 - Sindhi Bible

19 ۽ زمين پنهنجو ڦل پيئي ڏيندي، ۽ اوهين ڍؤ ڪري پيا کائجو، ۽ انهيءَ ۾ صحيح سلامت رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 زمين اوهان کي پنهنجي پيداوار پيئي ڏيندي ۽ اوهين ڍءُ ڪري پيا کائيندا ۽ امن وَ امان سان پيا زندگي گذاريندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، منهنجو ارادو آهي تہ جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي بجاءِ تخت تي ويهاريندس، سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو، تيئن آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙيان.


زمين پنهنجي پيداوار وڌائي آهي: خدا، اسان جو ئي خدا، اسان کي برڪت ڏيندو.


هائو، خداوند ضرور چڱيون شيون ڏيندو؛ ۽ اسان جي زمين پيداوار ڏيندي.


پر جيڪو منهنجي ٻڌندو سو صحيح سلامت رهندو، ۽ خرابيءَ جي ڊپ کان آزاد رهندو.


جي اوهين راضي ۽ فرمانبردار ٿيندا تہ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اُپت کائيندا:


۽ جيڪو ٻج تون زمين ۾ پوکيندين، تنهن لاءِ هو مينهن وسائيندو، ۽ زمين جي ڀلي فصل مان ماني ڏيندو، ۽ اها چڱي ۽ ججهي ٿيندي: انهي ڏينهن تنهنجو چوپايو مال وڏين ويئن ۾ چرندو.


۽ آءٌ وڻن جو ڦر وڌائيندس ۽ ٻنيءَ جي پيدائش بہ وڌيڪ ڪندس، جنهنڪري قومن ۾ وري اڳتي اوهان کي ڏڪر جو مهڻو نہ ملندو.


۽ پڙ ڪڻڪ سان ڀرجي ويندا، ۽ دنگ شراب ۽ تيل سان ڀرجي اُٿلي پوندا.


۽ اوهين ججهو کائيندا ۽ ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي تعريف ڪندا، جنهن اوهان سان اهڙي عجيب هلت ڪئي آهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.


تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ منهنجن حڪمن کي ياد ڪري انهن تي هلجو؛ تہ اوهين انهي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا.


۽ جيڪڏهن اوهين چوندا تہ، ڏسو، جي اسين ستين ورهيہ ۾ نہ پوکينداسين، ۽ نہ پيدائش گڏ ڪنداسين، تہ پوءِ کائينداسين ڇا؟


تہ آءٌ اوهان جي لاءِ پوريءَ مند تي مينهن وسائيندس، ۽ زمين پنهنجي پيدائش گهڻي ڏيندي، ۽ باغ جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا.


۽ اوهان جي ان ڳاهڻ جو ڪم ڊاک چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو، ۽ ڊاک چونڊڻ جو ڪم ان پوکڻ تائين پيو هلندو: ۽ اوهين ماني ڍؤ ڪري کائيندا، ۽ پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت پيا گذاريندا.


۽ آءٌ ملڪ ۾ صلح ۽ آرام قائم ڪندس، ۽ اوهين سمهي ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڪونہ ڊيڄاريندو: ۽ آءٌ جهنگلي جانورن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ترار ڪانہ هلندي.


پر جڏهن اوهين يردن جي پار وڃي انهي ملڪ ۾ رهندا، جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، ۽ هو اوهان کي آسپاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ