Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:18 - Sindhi Bible

18 تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ منهنجن حڪمن کي ياد ڪري انهن تي هلجو؛ تہ اوهين انهي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ”اوهين منهنجي قانونن ۽ حڪمن کي مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهندا تہ انهيءَ ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي گذاريندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:18
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، منهنجو ارادو آهي تہ جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي بجاءِ تخت تي ويهاريندس، سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو، تيئن آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙيان.


يعني انهن تي جيڪي هن جي عهد کي مڃين ٿا، ۽ سندس حڪمن کي ياد رکي انهن تي عمل ٿا ڪن.


آءٌ بي فڪر ٿي ليٽندس ۽ ننڊ ڪندس ڇالاءِ جو رڳو تون ئي، اي خداوند، مونکي سلامتيءَ ۾ ٿو رکين.


پر جيڪو منهنجي ٻڌندو سو صحيح سلامت رهندو، ۽ خرابيءَ جي ڊپ کان آزاد رهندو.


انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي.


انهيءَ چيو تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان ۽ پنهنجي ڪمن جي خرابيءَ کان باز اچي، ۽ جيڪا زمين خداوند قديم وقت کان هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي تنهن ۾ رهي:


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ يروشلم سلامتيءَ سان رهندو؛ ۽ جنهن نالي سان هوءَ سڏبي سو هي آهي: خداوند اسان جي راستبازي آهي.


تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ ملڪ کي حيران ۽ حيرت جو سبب ڪندس، جو هنن هيترا ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن.


اوهين منهنجن قانونن کي ياد رکجو. تون پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس سان لڳڻ نہ ڏج: تون پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي نہ پوکج: ۽ نڪي تون ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ ڍڪج.


اوهين منهنجا سڀ قانون، ۽ منهنجا سڀيئي حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


۽ زمين پنهنجو ڦل پيئي ڏيندي، ۽ اوهين ڍؤ ڪري پيا کائجو، ۽ انهيءَ ۾ صحيح سلامت رهجو.


پر جڏهن اوهين يردن جي پار وڃي انهي ملڪ ۾ رهندا، جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، ۽ هو اوهان کي آسپاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا؛


بنيمين جي بابت هن چيو، تہ خداوند جو پيارو هن وٽ سلامتيءَ سان رهندو؛ هو سارو ڏينهن انهي کي ڍڪي بيٺو آهي، ۽ سندس ڪلهن جي وچ ۾ ٿو رهي.


اسرائيل سلامتيءَ سان ٿو رهي، ۽ يعقوب جو چشمو اڪيلو، ان ۽ مئي جي ملڪ ۾ ٿو رهي؛ هائو، هن تي آسمان مان ماڪ ٿي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ