13 انهي جشن واري سال ۾ اوهان مان سڀ ڪو پنهنجيءَ ملڪيت جو خود مالڪ ٿئي.
13 انهيءَ بحاليءَ جي سال ۾ اوهان مان هر ڪو وري پنهنجي پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو مالڪ ٿئي.
۽ خداوند جي مقبول سال، ۽ خدا جي بدلي وٺڻ جي ڏينهن جي پڌرائي ڪريان؛ ۽ جيڪي ماتم ٿا ڪن، تن سڀني کي دلاسو ڏيان.
ڇالاءِ جو وڪڻندڙ وري وڪڻيل شيءِ وٽ موٽي نہ ايندو، جيتوڻيڪ اُهي اڃا جيئرا هوندا: ڇالاءِ جو اهو رويا سڄي جماعت لاءِ آهي؛ ڪوبہ ڪونہ موٽندو، ۽ نڪو پاڻ کي پنهنجيءَ حياتيءَ جي بدڪاريءَ ۾ مضبوط ڪندو.
۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.
ڇالاءِ جو اهو جشن جو سال آهي؛ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ ليکجڻ ۾ اچي: ٻنيءَ ۾ جيڪا پيدائش ٿئي سا اوهين کائجو:
پر جيڪڏهن هو اها پنهنجي لاءِ موٽي هٿ ڪري نہ سگهي، تہ پوءِ جيڪي هن وڪيو هجي، سو ڀلي خريدار جي قبضي ۾ رهي، جيسين ڪ جشن وارو سال اچي: ۽ انهي جشن واري سال ۾ هن جي ملڪيت ڇٽي ويندي، پوءِ ڀلي هو پنهنجي ملڪيت تي موٽي اچي.
۽ جيڪڏهن هو انهيءَ ريت ڇڏايو نہ وڃي، تہ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار جشن واري سال ۾ پاڻيهي ڇٽي ويندا.
۽ جڏهن جشن جو سال ايندو، تڏهن هنن جو ورثو انهي قبيلي جي ورثي سان گڏيو ويندو، جنهن ۾ اهي داخل ٿينديون؛ انهيءَ طرح هنن جو ورثو اسان جي ابن ڏاڏن جي قبيلي جي ورثي مان نڪري ويندو.