Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:10 - Sindhi Bible

10 ۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ پنجاهين سال کي مخصوص ڪري ليکجو ۽ ملڪ جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جو اعلان ڪرائجو. اهو اوهان جي لاءِ بحاليءَ جو سال ٿيندو. انهيءَ سال هر ڪو پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو اچي مالڪ ٿيندو ۽ هر وڪاميل شخص موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:10
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي تہ چڙهي يروشلم ۾ وڃي، جو يهوداہ ۾ آهي؛ ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو گهر جوڙي، (جو اُهوئي خدا آهي) جو يروشلم ۾ آهي.


جو ستايلن جو انصاف ٿو ڪري؛ ۽ بکايلن کي کاڌو ٿو ڏئي: خداوند قيدين کي ڇڏائي ٿو.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


۽ جيڪي بند ۾ آهن تن کي چوين تہ نڪري اچو، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوين تہ پاڻ کي ظاهر ڪريو. اهي رستن تي کائيندا ۽ سڀني ويران ٽڪرين تي بہ انهن کي کاڌو ملندو.


ڇالاءِ جو انتقام جو ڏينهن منهنجيءَ دل ۾ هو، ۽ منهنجن ڇڏايلن جو سال اچي پهتو آهي.


۽ سڀ امير ۽ سڀ ماڻهو جي انهي عهد اقرار ۾ شامل ٿيا هئا، تن قبول ڪيو تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، ۽ اڳتي وري ڪوبہ انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺندو: ۽ هنن اها ڳالهہ مڃي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنائون:


بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان عهد اقرار ڪري هنن کي آزادي ڏيڻ جو اشتهار ڪيو، تنهن کان پوءِ جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، سو هي آهي؛


پر جيڪڏهن هو پنهنجي ورثي واري مال مان ڪا بخشش پنهنجن غلامن مان ڪنهن کي کڻي ڏيندو، تہ اُها آزاديءَ واري سال تائين انهي جي رهندي؛ پوءِ موٽي بادشاهہ کي ملندي؛ پر هن جي ميراث سندس پٽن جي ٿيندي.


۽ اهو پنجاهون ورهيہ اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو: انهي ۾ اوهين ڪي بہ نہ پوکجو، نڪي جيڪي پاڻيهي ڄمي سو لڻجو، ۽ نڪي منهہ مان ڊاک جا داڻا گڏ ڪجو.


انهي جشن واري سال ۾ اوهان مان سڀ ڪو پنهنجيءَ ملڪيت جو خود مالڪ ٿئي.


تنهن کان پوءِ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار تو وٽان هليا ويندا، ۽ پنهنجي خاندان، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهر ڏانهن موٽي ويندا.


۽ جيڪڏهن هو انهيءَ ريت ڇڏايو نہ وڃي، تہ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار جشن واري سال ۾ پاڻيهي ڇٽي ويندا.


تہ اسان کي هي عطا ڪري، تہ اسين پنهنجن دشمنن جي هٿان آزاد ٿي،


هاڻي اهو خداوند روح آهي؛ ۽ جتي خداوند جو روح آهي اُتي آزادي آهي.


هاڻي اها هاجرہ عرب جو سينا جبل آهي، ۽ هاڻوڪي يروشلم جي برابر آهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجن ٻارن سميت غلاميءَ ۾ آهي.


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


۽ پاڻ کي آزاد ڄاڻو، پر ائين نہ ٿئي جو اها آزادي اوهان جي بدي ڪرڻ جو بهانو ٿي پوي، پر پاڻ کي خدا جا غلام سمجهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ