Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 24:9 - Sindhi Bible

9 ۽ اهي مانيون هارون ۽ سندس پٽن جون ٿينديون، ۽ هو اهي ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ ويهي کائين؛ ڇالاءِ جو اهو هميشہ جي قانون موجب، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان هن جي لاءِ تمام پاڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اهي روٽ هارون ۽ سندس اولاد جا ٿيندا. هو اهي مخصوص جاءِ ۾ ويهي کائين، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان اهي هميشہ جي لاءِ هنن جو حصو آهن، جيڪي مون لاءِ ئي مخصوص حصو آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 24:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، شاهديءَ واريءَ صندوق جي اڳيان جيڪو پردو ٿيندو، انهي جي ٻاهران هارون ۽ سندس پٽ سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ انهي جو بندوبست ڪن: اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ جاري رهي.


پوءِ موسيٰ هارون کي، ۽ سندس باقي رهيل پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان جيڪا کاڌي جي قرباني بچي آهي، سا کڻي قربانگاهہ جي ڀرسان ويهي، بنا خمير جي کائو: ڇالاءِ جو اهو تمام پاڪ آهي:


اوهان گناهہ جي قرباني پاڪ جاءِ ۾ ويهي ڇو نہ کاڌي، جنهن صورت ۾ اها تمام پاڪ آهي، ۽ خداوند اوهان کي انهي لاءِ ڏني آهي، تہ اوهين جماعت جو گناهہ کڻي، خداوند جي حضور ۾ انهي جي لاءِ ڪفارو ڪريو؟


هو پنهنجي خدا جي مانيءَ مان ڀلي کائي، پوءِ اها کڻي پاڪ ترين يا پاڪ مڪان جي هجي.


پوءِ هڪڙي اسرائيلي زال جو پٽ، جنهن جو پيءُ مصري هو، سو نڪري بني اسرائيل ۾ ويو: ۽ انهيءَ اسرائيلي زال جي پٽ جو هڪڙي اسرائيلي ماڻهوءَ سان منزلگاهہ ۾ جهيڙو ٿي پيو؛


۽ اهو اوهان جي رهڻ جي سڀني جاين ۾، ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو، تہ اوهين چرٻي ۽ رت هرگز نہ کائو.


پوءِ هو پنهنجا اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پائي، ۽ قربانگاهہ وٽان اها رک ڪنهن صاف جاءِ تي کڻي وڃي.


۽ جيڪي انهي مان باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽ کائين: اهو ڪنهن پاڪ جاءِ تي خمير کان سواءِ کائڻ ۾ اچي؛ هو اهو جماعت واري تنبوءَ جي اڱڻ ۾ ويهي کائين.


هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ سوختني قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: يعني تہ سوختني قرباني، ساري رات ويندي صبح تائين قربانگاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي؛ ۽ قربانگاهہ جي باهہ ان ۾ ٻرندي رهي.


سڄيءَ جماعت کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ گڏ ڪر.


۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ هي گوشت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ رڌيو: ۽ اهو مخصوصيت واريءَ ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ، انهي ساڳئي هنڌ ويهي کائو: جيئن ڪ مون کي حڪم مليو هو، تہ هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.


پر اوهين اُنهيءَ جي بي ادبي ٿا ڪريو، جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز ناپاڪ آهي، ۽ انهي جو ڦل يعني انهي جو گوشت نفرتي آهي.


ڪيئن نہ هن خدا جي گهر ۾ گهڙي نذر جون مانيون وڃي کاڌيون، جي کيس توڙي سندس ساٿين کي کائڻ روا نہ هيون، پر رڳو ڪاهنن کي؟


ڪيئن نہ هو سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ خدا جي گهر ۾ گهڙي ويو، ۽ نذر جون مانيون، جنهن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ پنهنجن ساٿين کي بہ ڏنائين؟


جو خدا جي گهر ۾ وڃي، نذر جون مانيون، جن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ ٻيا جيڪي هئا، تن کي بہ ڏنائين؟


تنهنڪري ڪاهن هن کي اُها پاڪ ماني ڏني: ڇالاءِ جو اُنهي نذر جي مانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ ماني ڪانہ هئي، ۽ اُها خداوند جي حضور مان کنئي ويئي هئي، انهي لاءِ تہ گرم ماني رکي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ