Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 24:8 - Sindhi Bible

8 هر ڪنهن سبت جي ڏينهن هو خداوند جي حضور ۾ ٺاهي رکي؛ اهو بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جو عهد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هر سبت تي باقاعدي اهي روٽ مون خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي عهد طور ٺاهي رکيا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 24:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ميدو، خواہ اها اڻ خميري ماني، يا تئي تي پڪل يا تريل شيءِ هجي، تہ هو انهن جي تور ۽ ماپ جو ڪم ڪن؛


۽ انهن جي ڀائرن، قهاتين جي پٽن مان ڪي نذراني جي پاڪ مانيءَ تي هوندا هئا، جا هو سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن پچائيندا هئا.


۽ اهي ڏهاڙي صبح جو ۽ شام جو خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ لوبان ساڙين ٿا: ۽ نذر جي ماني بہ هو پاڪ ميز تي ٺاهي ٿا رکن؛ ۽ سون جو شمعدان ڏيئن سميت هر روز شام جو ٿا ٻارين: ڇالاءِ جو اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ٿا ڪريون؛ پر اوهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي.


ڏس آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ هڪڙو گهر ٿو جوڙيان ۽ انهيءَ کي سندس لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان خوشبودار لوبان ساڙڻ ۾ اچي، ۽ هميشہ نذر جي ماني کڻڻ ۾ اچي، ۽ صبح سانجهيءَ، ۽ سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ جي ڏينهن تي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي ٺهرايل عيدن تي، سوختني قربانيون چاڙهڻ ۾ اچن. اهو اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو قانون آهي.


يعني نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ هميشہ جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ لاءِ، سبت جي ڏينهن، ۽ نئين چنڊ تي، مقرر عيدن لاءِ، ۽ پاڪ شين لاءِ، ۽ اسرائيل جو ڪفارو ڪرڻ واسطي گناهہ جي قربانين لاءِ، ۽ اسان جي خدا جي گهر جي هر قسم جي ڪم لاءِ.


۽ تون انهيءَ ميز تي هميشہ منهنجي حضور ۾ نذراني جي ماني رکندو رهج.


۽ نذر جي مانيءَ واريءَ ميز تي آسماني ڪپڙو وڇائين، ۽ انهيءَ تي رڪابيون، چمچا، وٽا، ۽ اوتڻ لاءِ پيالا رکن، ۽ هميشہ واري ماني بہ انهي تي رکن.


هاڻي انهي ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو خداوند جي اڳيان رهجي ويو هو؛ ۽ سندس نالو دوئيگ ادومي هو، جو سائول جي ڌنارن مان مکيہ ماڻهو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ