Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 24:7 - Sindhi Bible

7 ۽ تون هرهڪ قطار تي خالص لوبان رکج. انهي لاءِ تہ اهو مانين تي يادگيريءَ جي لاءِ رهي، يعني خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هر هڪ قطار سان گڏ ڪجھہ خالص لوبان رکيو وڃي، جيڪو روٽن نذر ڪرڻ جي عيوض مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 24:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڪمان ڪڪرن ۾ رهندي؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي نگاهہ ڪندس، تہ اهو عهد ياد ڪريان، جو خدا ۽ زمين جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي.


۽ اهو ڏينهن اوهان جي لاءِ يادگار رهندو، ۽ اوهين هميشہ پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪندا رهجو.


۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.


۽ تون اهي ٻئي پهڻ ايفود جي، ڪلهن وارين پٽين تي هڻج، تہ بني اسرائيل جي لاءِ يادگيريءَ جا پهڻ ٿين، ۽ هارون انهن جا نالا يادگيريءَ جي لاءِ پنهنجن ٻنهي ڪلهن تي کڻي خداوند جي حضور ۾ وڃي.


تو پنهنجين سوختني قربانين لاءِ ننڍو چوپايو مال منهنجي حضور ۾ نہ آندو آهي؛ نڪي پنهنجين قربانين سان مون کي عزت ڏني اٿيئي. مون توکي نذرانن آڻڻ لاءِ لاچار ڪونہ ڪيو، نڪي لوبان ساڙڻ لاءِ توکي ٿڪايم.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي:


۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان ڪجهہ ڪڍي، انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي.


آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.


۽ چوڻ لڳو، تہ اي ڪرنيليس، تنهنجي دعا قبول پيئي آهي، ۽ تنهنجي خيرات خدا جي حضور ۾ ياد آهي.


۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.


تان تہ سندس انهي فضل جي جلال جي تعريف ٿئي، جو هن پنهنجي پياري ۾ اسان کي بخشيو:


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ