۽ هارون انهي کي جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ جي پردي جي ٻاهران، سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ هميشہ ٺاهي رکي: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.
پوءِ هو آسماني رنگ جو ڪپڙو کڻي روشنائيءَ وارو شمعدان ۽ انهي جا ڏيئا، ۽ ڦلن لاهڻ جا چمٽا ۽ رڪابيون، ۽ تيل جا سڀ ٿانو، جيڪي انهي جي ڪم ۾ ٿا اچن، تن سڀني جي مٿان وجهن.
يعني جي ست تارا تو منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏٺا، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز لک: اُهي ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آهن؛ ۽ اُهي ست شمعدان ست ڪليسيائون آهن.