Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 24:2 - Sindhi Bible

2 تون بني اسرائيل کي حڪم ڪر تہ اهي ٻارڻ جي لاءِ نج زيتون جو جهاڳوڙيل تيل تو وٽ کڻي اچن، تہ ڏيئو هميشہ ٻرندو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”تون بني اسرائيل کي حڪم ڪر تہ اهي ٻارڻ لاءِ زيتون جو ڪُٽي ڪڍيل نج تيل تو وٽ کڻي اچن، تہ جيئن مقدس جاءِ جا ڏيئا هر رات ٻرندا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 24:2
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهي ڏهاڙي صبح جو ۽ شام جو خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ لوبان ساڙين ٿا: ۽ نذر جي ماني بہ هو پاڪ ميز تي ٺاهي ٿا رکن؛ ۽ سون جو شمعدان ڏيئن سميت هر روز شام جو ٿا ٻارين: ڇالاءِ جو اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ٿا ڪريون؛ پر اوهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي.


ن تنهنجو ڪلام منهنجي واٽ لاءِ روشني، ۽ منهنجي پيرن لاءِ ڏيئو آهي.


تنهنجي ڪلام جو مطالعو سوجهرو ٿو ڏئي؛ ۽ ڀورڙن کي سمجهہ ٿو بخشي.


پاڪ شمعدان ۽ انهي جا ڏيئا، يعني جيڪي ڏيئا انهي تي رکڻا هئا، ۽ انهي جا سڀ ٿانو، ۽ ٻارڻ جو تيل؛


۽ هن جماعت واري تنبو ۾، خيمي جي ڏکڻ واري پاسي، شمعدان رکيو،


ڇالاءِ جو حڪم هڪڙو ڏيئو آهي؛ ۽ قاعدو نور آهي؛ ۽ تعليم جون فهمائشون حياتيءَ جو رستو آهن:


۽ خداوند جو روح انهيءَ تي لهندو، ڏاهپ ۽ سمجهہ جو روح، مصلحت ۽ طاقت جو روح، علم ۽ خداوند جي خوف جو روح؛


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ هارون انهي کي جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ جي پردي جي ٻاهران، سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ هميشہ ٺاهي رکي: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.


تنهن جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي، ۽ جيڪي موت جي ملڪ ۽ پاڇي ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني اچي چمڪي.“


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن.


تہ جي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا آهن، تن تي روشني چمڪي، ۽ اسان جا پير سلامتيءَ جي واٽ تي آڻي.“


پنهنجي ڪمر ڪشيل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻرندا رکو؛


هن ۾ زندگي هئي؛ ۽ اُها زندگي ماڻهن جو نُور هئي.


سچو نُور جو هرهڪ انسان کي روشن ٿو ڪري، سو جهان ۾ اچڻو هو.


هو ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئو هو: ۽ اوهان گهڙي ساعت هن جي سوجهري ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.


وري يسوع کين چيو تہ جهان جو سوجهرو آئون آهيان، جيڪو منهنجي پيروي ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ ڪين هلندو، بلڪ زندگيءَ جو سوجهرو ملندس.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ