17 ۽ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڌڪ هڻي ماري وجهي، سو ضرور قتل ڪيو وڃي؛
17 جيڪڏهن ڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تہ انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.
تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ ناتن دائود کي چيو تہ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪيو آهي؛ تون مرندين ڪين.
تڏهن هو اُنهيءَ ڏانهن هليا؛ ۽ هو گهوڙن جي لنگهڻ وارو رستو ڏيئي بادشاهہ جي گهر ڏانهن هلي: ۽ اُتي هنن وڃي قتل ڪيس.
تون خون نہ ڪر.
جيڪو ڪنهن جانور کي ماري وجهندو سو انهي جو عيوضو ڀري ڏيندو: ۽ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجهندو سو قتل ڪيو ويندو.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي لوهہ جي هٿيار سان اهڙو ماري، جو اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي.
جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي ڌڪ هڻي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.