Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 24:16 - Sindhi Bible

16 ۽ جيڪو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو سو ضرور قتل ڪيو ويندو؛ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪندي: اهو پرديسي هجي توڙي ديسي هجي، پر جنهن وقت هو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو، تنهن وقت هو ضرور قتل ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جيڪو بہ مون خداوند جي نالي تي جڏهن بہ ڪفر بڪي تڏهن اهو بني اسرائيل هجي توڙي ڌاريو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 24:16
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني سان گڏجي بعل يهوداہ مان روانو ٿيو، انهي لاءِ تہ اُتان خدا جي صندوق کڻي اچي، جا لشڪرن جي انهيءَ خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جو ڪروبين تي ويٺل آهي.


ڇو تہ اهي لچائيءَ سان تنهنجي برخلاف ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ تنهنجا دشمن تنهنجو نالو اجايو ٿا وٺن.


اي خدا ڪيستائين دشمن طعنا هڻندو رهندو؟ دشمن تنهنجي نالي تي هميشہ تائين ڪفر بڪندو ڇا؟


اي خداوند ياد ڪر تہ دشمن طعنا هنيا آهن، ۽ بيوقوف قوم تنهنجي نالي ڪفر بڪيو آهي.


تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.


تون خدا جي برخلاف نہ ڳالهائج، نڪي پنهنجيءَ قوم جي سردارن تي لعنت ڪج.


انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.


تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ سڀڪو گناهہ ۽ ڪفر ماڻهن کي معاف ڪيو ويندو؛ پر پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر معاف نہ ڪيو ويندو.


هاڻي ڇا ٿا ڀانئيو؟ هنن ورندي ڏيئي چيو تہ هو موت جي لائق آهي.


اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي: ڇا ٿا ڀانئيو؟ هنن سڀني اها فتويٰ ڏني تہ هي موت جي لائق آهي.


يهودين جواب ڏنس تہ اسان جي شريعت آهي، ۽ اُنهيءَ شريعت موجب هو موت جي لائق آهي، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خدا جو فرزند بنايو آهي.


۽ سڀني عبادتخانن ۾، گهڻائي ڀيرا کين سزا ڏياري، زورازوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو هوس؛ بلڪ سندن برخلاف اهڙو ڇتو ٿي پيس، جو کين ٻين شهرن ۾ بہ وڃي ستائيندو هوس.


۽ کيس شهر کان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا؛ ۽ شاهدن پنهنجا ڪپڙا شائول نالي هڪڙي جوان جي پيرن وٽ وڃي رکيا.


جيتوڻيڪ اڳي آئون ڪفر بڪندڙ ۽ ستائيندڙ ۽ سندس بي عزتي ڪندڙ هوس: تنهن هوندي بہ مون تي رحم ڪيو ويو، ڇالاءِ جو مون بي ايمانيءَ جي حالت ۾ اڻ ڄاڻائي ڪري اهي ڪم ڪيا؛


جنهن عزت واري نالي سان اوهين سڏبا آهيو، تنهن جي نسبت ۾ هو ڪفر نٿا بڪن ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ