Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 24:14 - Sindhi Bible

14 جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ”انهيءَ لعنت ڪندڙ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وٺي وڃ ۽ جن جن کيس لعنت ڪندي ٻڌو آهي، سي سڀيئي سندس گناهہ جي شاهديءَ طور پنهنجا هٿ سندس مٿي تي رکن ۽ پوءِ سڀيئي ماڻهو کيس سنگسار ڪري ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 24:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻہ خبيث ماڻهو، هن جي اڳيان حاضر ڪريو، ۽ اُهي سندس برخلاف شاهدي ڏيئي چون تہ هن خدا تي ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. ۽ پوءِ اُنهيءَ کي ٻاهر ڪڍي وڃو ۽ سنگسار ڪري ماريوس.


جيترا ڏينهن هن کي مرض هوندو، اوترا ڏينهن هو ناپاڪ رهندو؛ اهو ناپاڪ آهي: هو اڪيلو رهي؛ ۽ هن جي رهڻ جي جاءِ منزلگاهہ کان ٻاهر هجي.


انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.


جيڪو مرد يا زال ڀوپو يا جادوگر هجي، سو ضرور ماريو وڃي: انهي کي پهڻن سان سنگسار ڪيو وڃي: انهن جو خون سندن گردن تي آهي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


تنهن تي کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ هنن پهڻ کنيا: پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو، ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


تہ پوءِ جنهن مرد يا زال اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، تنهن کي ڳوٺ جي دروازي تي وٺي اچج، ۽ انهي کي سنگسار ڪري ماري ڇڏج.


۽ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين انهن شاهدن جا هٿ مٿس پون، پوءِ ٻين ماڻهن جا هٿ: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


پوءِ انهي جي شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. انهي طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج؛ ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.


تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


۽ يشوع چيو تہ ڇو تو اسان کي تڪليف ڏني آهي؟ خداوند اڄوڪي ڏينهن توکي تڪليف ڏيندو. پوءِ سڀني اسرائيلين هن کي سنگسار ڪيو؛ ۽ هن کي باهہ سان ساڙي پٿرن سان سنگسار ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ