11 ۽ اهو اسرائيلي زال جو پٽ خداوند جي نالي تي ڪفر بڪڻ لڳو ۽ انهي تي لعنت ڪيائين: تڏهن هو انهي کي موسيٰ وٽ وٺي آيا. ۽ انهي جي ماءُ جو نالو سلوميت هو، ۽ هوءَ دان جي قبيلي واري دبريءَ جي ڌيءَ هئي.
تڏهن الياقيم بن خلقياہ جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ محرر، ۽ يواخ بن آسف دفتردار، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي اچي حزقياہ کي ربشاقيءَ واريون ڳالهيون ٻڌايون.
پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا رهن: ۽ هيئن ٿيڻ گهرجي تہ سڀ ڪو وڏو مقدمو هو تو وٽ آڻين، ۽ سڀ ڪو ننڍو مقدمو هو پاڻ هلائين: انهيءَ طرح تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي، ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.
وري خدا موسيٰ کي هيئن بہ چيو، تہ تون بني اسرائيل کي چئج تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي: سدائين منهنجو نالو اهو ئي آهي، ۽ سڀني پيڙهين جي لاءِ منهنجو اهو ئي يادگار آهي.
پوءِ هڪڙي اسرائيلي زال جو پٽ، جنهن جو پيءُ مصري هو، سو نڪري بني اسرائيل ۾ ويو: ۽ انهيءَ اسرائيلي زال جي پٽ جو هڪڙي اسرائيلي ماڻهوءَ سان منزلگاهہ ۾ جهيڙو ٿي پيو؛