Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:6 - Sindhi Bible

6 ۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ خداوند جي لاءِ فطيري مانيءَ جي عيد آهي: ست ڏينهن اوهين فطيري ماني کائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ مون خداوند جي لاءِ بي‌خميري مانيءَ جي عيد شروع ٿيندي. ستن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو ڏينهن اوهان جي لاءِ يادگار رهندو، ۽ اوهين هميشہ پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪندا رهجو.


فطيري ماني جي عيد ياد رکج: جيئن مون توکي اڳيئي حڪم ڪيو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج (ڇالاءِ جو انهي مهيني ۾ تون مصر مان نڪتين)؛ ۽ ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


تون فطيري ماني جي عيد ڪندو رهج. جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج. ڇالاءِ جو ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.


تون انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائج؛ ست ڏينهن تون انهيءَ سان گڏ بي خميري ماني کائج، يعني ڏک جي ماني؛ ڇالاءِ جو تون مصر جي ملڪ مان تڙتڪڙ ۾ نڪري آئين: سو جنهن ڏينهن تون مصر جي ملڪ مان نڪتين، اهو ڏينهن پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ياد رکج.


ڇهہ ڏينهن تون بي خميري ماني کائج: ۽ ستين ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ انهي ڏينهن تون ڪوبہ ڪم نہ ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ