42 اوهين ستن ڏينهن تائين تنبن ۾ رهجو؛ جيڪي اسرائيل جي نسل جا هجن، سي سڀ تنبن ۾ رهن:
42 بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو اهي ست ڏينهن تنبن ۾ ئي گذارين.
۽ يعقوب سفر ڪندو سڪات ۾ پهتو ۽ اتي پنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيائين، ۽ پنهنجن ڍورن لاءِ ڇَنو ٻڌائين: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو سڪات پئجي ويو.
پر اسين تنبن ۾ پئي رهيا آهيون، ۽ جيڪو حڪم اسان جي پيءُ يوناداب اسان کي ڏنو تنهن موجب سڀ ڪجهہ فرمانبردار ٿي پئي ڪيو اٿئون.
مون نبين سان بہ ڳالهايو آهي، ۽ رويا بہ وڌايا آهن؛ ۽ نبين جي وسيلي مون تمثيلون ڪم ۾ آنديون آهن.
پر آءٌ مصر جي ملڪ کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان؛ آءٌ اوهان کي اڃا وري بہ تنبن ۾ رهائيندس، جيئن پاڪ عيد واري ڏينهن ۾ هو.
تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ انهي ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ کان وٺي ستن ڏينهن تائين خداوند جي لاءِ تنبن جي عيد ٿيندي.
۽ اوهين هر ڪنهن سال اهي ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: اهو اوهان جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون آهي: اهو اوهين ستين مهيني ۾ ملهائيندا رهجو.
۽ بلعام پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ اسرائيلين کي پنهنجن قبيلن موجب رهندو ڏٺائين؛ اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو.
اي يعقوب، تنهنجا تنبو، ۽ اي اسرائيل، تنهنجا خيما ڪهڙا نہ چڱا آهن!
ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏهن اسان جو هيءُ تنبوءَ جهڙو خاڪي گهر ڊاهيو ويندو، تہ اسان کي خدا کان آسمان تي هڪڙي اهڙي عمارت ملندي جا هٿن سان جوڙيل نہ آهي، پر هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.