Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:40 - Sindhi Bible

40 ۽ اوهين پهرئين ڏينهن چڱن وڻن جو ميوو، ۽ کجيءَ جي وڻن جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جا ڏار، ۽ نهرن جون ليون کڻجو؛ ۽ ستن ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 پهرئين ڏينهن اوهين پنهنجي وڻن جو عمدو ميوو، کجيءَ جون ڇڙهيون، گھاٽن پنن واريون ٽاريون ۽ نهرن جون ليون کڻجو ۽ ستن ڏينهن تائين مون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:40
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي بيد جي وڻ تي اسان پنهنجا بربط ٽنگي ڇڏيا.


راستباز ماڻهو کجيءَ وانگي وڌندو ويجهندو: هو لبنان جي ديودار وانگيان وڌندو.


خداوند جا خريد ڪيل موٽندا، ۽ ڳائيندا صيون ۾ ايندا: ۽ انهن جي مٿن تي هميشہ جي خوشي هوندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، ۽ غم ۽ ماتم ڪونہ رهندو.


اهي واهن جي ڪناري، گاهن ۾ لئين وانگر نڪرندا.


اوهين يروشلم سان خوشي ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي هن کي پيار ٿا ڪريو سي هن لاءِ خوش ٿيو:


۽ ستين مهيني جي پندرهين ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ جو فصل گڏ ڪري رهو، تڏهن ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: پهريون ڏينهن پوري آرام جي واسطي آهي، ۽ اٺون ڏينهن بہ پوري آرام جي واسطي آهي.


۽ اوهين هر ڪنهن سال اهي ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: اهو اوهان جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون آهي: اهو اوهين ستين مهيني ۾ ملهائيندا رهجو.


۽ ماڻهن مان گهڻن ئي پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا، ۽ ٻين وري وڻن جون ٽاريون وڍي اُهي کڻي رستي تي پکيڙيون.


تڏهن کجين جون ٽاريون کڻي سندس استقبال لاءِ ويئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ هوشعنا، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي، ۽ جو اسرائيل جو بادشاهہ آهي.


سو هاڻي اوهان کي بہ ڏک ٿو ٿئي، پر آئون اوهان کي وري گڏبس، ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، ۽ اوهان جي خوشي اوهان کان ڪوبہ ڪونہ کسيندو.


۽ نہ رڳو ايترو، پر اسين خدا ۾ پنهنجي خداوند يسوع جي سبب ڏاڍي خوشي ٿا ڪريون، جنهن جي وسيلي هاڻ اسان جو ميل ميلاپ ٿي چڪو آهي.


۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو.


اتي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو؛ ۽ تنهنجي هٿ جي ڪمائي جنهن ۾ خداوند تنهنجي خدا برڪت وڌي آهي، تنهن لاءِ اوهين پنهنجن گهراڻن سميت خوشيون ڪجو.


ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛


هميشہ خداوند ۾ خوش رهو، وري بہ ٿو چوان تہ خوش رهو.


بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي.


انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ