4 هي خداوند جون مقرر ڪيل عيدون آهن، يعني پاڪ جماعتون، جن جي اوهين ٺهرايل وقت تي پڌرائي ڪجو.
4 ”مون خداوند جا مقرر ڪيل هي وڏا ڏينهن بہ اوهين انهن جي وقت تي ملهائجو.
۽ پنهنجن سڀني شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾، اشتهار ڪن، ۽ پڌرائي ڪرائين، ۽ چون تہ نڪري جبل ڏانهن وڃو ۽ زيتون جون ٽاريون ۽ جهنگلي زيتون جون ٽاريون، ۽ مر جي وڻن جون ٽاريون، ۽ کجيءَ جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جون ٽاريون لانڍين جوڙڻ لاءِ آڻيو، جيئن ڪ لکيل آهي.
۽ اهو ڏينهن اوهان جي لاءِ يادگار رهندو، ۽ اوهين هميشہ پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪندا رهجو.
تون سال ۾ ٽي ڀيرا منهنجي لاءِ عيد ڪج.
هاءِ اريئيل، اريئيل، جنهن شهر ۾ دائود منزل ڪئي! ڀلي تہ سال پٺيان سال گذرندو وڃي، ۽ ڀلي تہ عيدون ملهايون وڃن.
۽ تڪرار وقت هو منصف ٿي بيهن، ۽ منهنجن حڪمن موجب هو انصاف ڪن: ۽ منهنجن سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي قاعدن جي سنڀال ڪن؛ ۽ منهنجن سبتن کي پاڪ رکن.
تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جن جي لاءِ اوهين پاڪ جماعتن جي گڏ ٿيڻ جي پڌرائي ڪندا، سي منهنجون مقرر ڪيل عيدون هي آهن.
۽ اوهين انهي ساڳئي ڏينهن پڌرائي ڪرائجو، تہ اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي: ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ، اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.
اِهي خداوند جون مقرر ڪيل عيدون آهن، جن جي لاءِ اوهين پڌرائي ڪجو، تہ پاڪ جماعتون گڏ ٿين، انهي لاءِ تہ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو، يعني سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، هڪڙي قرباني، ۽ پيئڻ جون قربانيون؛ هر ڪا پنهنجي پنهنجي مقرر ڏينهن تي پيش ڪجو:
ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.