Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:39 - Sindhi Bible

39 ۽ ستين مهيني جي پندرهين ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ جو فصل گڏ ڪري رهو، تڏهن ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: پهريون ڏينهن پوري آرام جي واسطي آهي، ۽ اٺون ڏينهن بہ پوري آرام جي واسطي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ جو فصل گڏ ڪري چڪو، تڏهن ستين مهيني جي پندرهين تاريخ کان وٺي ستن ڏينهن تائين مون خداوند جي لاءِ اها تنبن واري عيد ملهائجو. انهن ۾ پهريون ۽ اٺون ڏينهن خاص آرام جا ڏينهن آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:39
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لاباري جي عيد، يعني جيڪي تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ پوکين تنهن جي پهرئين ڦل جي عيد ڪج: ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪرين، تڏهن فصل کڻڻ جي عيد ڪج.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ پورو آرام ٿيندو، انهي ڏينهن يادگيريءَ جي لاءِ تريون وڄن، ۽ پاڪ جماعت گڏ ٿئي.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ انهي ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ کان وٺي ستن ڏينهن تائين خداوند جي لاءِ تنبن جي عيد ٿيندي.


ستين ڏينهن تائين اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو: ۽ اٺون ڏينهن پاڪ مجلس جو ڏينهن ٿيندو، ۽ اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو: اهو پاڪ جماعت جو ڏينهن آهي؛ ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


انهي کان سواءِ خداوند جي سبتن کي مڃيندا رهجو، ۽ پنهنجا نذرانا ۽ پنهنجيون مڃتا جون قربانيون، ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون، برابر پيش ڪندا رهجو.


۽ اوهين پهرئين ڏينهن چڱن وڻن جو ميوو، ۽ کجيءَ جي وڻن جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جا ڏار، ۽ نهرن جون ليون کڻجو؛ ۽ ستن ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪجو.


جڏهن تون پنهنجي کري ۽ پنهنجي چيچڙي جو مال گڏ ڪري ڇڏين، تڏهن ست ڏينهن تنبن جي عيد ملهائج:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ