Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:36 - Sindhi Bible

36 ستين ڏينهن تائين اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو: ۽ اٺون ڏينهن پاڪ مجلس جو ڏينهن ٿيندو، ۽ اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو: اهو پاڪ جماعت جو ڏينهن آهي؛ ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 ست ئي ڏينهن اوهين مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪندا رهجو. اٺين ڏينهن اوهين وري عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪجو. جيئن تہ اهو عبادت لاءِ گڏ ٿيڻ جو ڏينهن آهي سو اوهين ان ڏينهن ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:36
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

روز بروز، پهرين ڏينهن کان وٺي پوئين ڏينهن تائين، هو خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهندو هو. ۽ هنن ست ڏينهن برابر عيد ڪئي؛ ۽ اٺين ڏينهن، دستور موجب هنن هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي.


هڪڙو خاص روزو مقرر ڪريو، ۽ سڄي جماعت کي گڏ ڪريو، بزرگن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ گڏ ڪريو، ۽ خداوند کي پڪاريو.


صيون ۾ قرناءِ وڄايو ۽ هڪڙو روزو مقرر ڪريو، جماعت گڏ ڪريو:


پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ٻيو ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي.


ڇهہ ڏينهن تون بي خميري ماني کائج: ۽ ستين ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ انهي ڏينهن تون ڪوبہ ڪم نہ ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ